صوابي – 26 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته قوم ۽ ڪشميرين سان واعدو آهي ته جيستائين ڪشمير آزاد نه ٿيندو دنيا جي هر فورم تي انهن جو ڪيس وڙهندس، مخالف چون ٿا ته عمران خان وڏا يوٽرن وٺي ٿو، مخالف ??سي وٺن يوٽرن وٺندي وٺندي آئون وزيراعظم بڻجي ويس ۽ ا??ي اڄ جيل ۾ آهن، مقصد جي لاءِ ٺاهه ڪندو آهيان مقصد تي ٺاهه نه ٿو ڪريان، مخالفن کي اين آر او ڪڏهن نه ملندو، ملڪ تي ٿورو مشڪل وقت آ??ي اهو به نڪري ويندو، اسان جو رول ماڊل حضور اڪرم صه آهي، جن جو ڪو ثاني نه آهي، تعليم موجوده حڪومت جي ترجيح آهي، تعليمي معيار تي ٺاهه نه ٿيڻ گهرجي، سٺا تعليمي ادارا ڪڏهن معيار گهٽ ٿيڻ ناهن ڏيندا، معاشري ۾ استادن ۽ اسڪالر?? جو احترام بحال ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن غلام اسحاق خان انسٽيٽيوٽ ٽوپي ۾ نئين اڪيڊمڪ بلاڪ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس