اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) اٿارٽي جي چيئرمين ۽ وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات واري خاص معاون ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه چيو آهي ته مال بردار ??ام??نڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي ??وادر پهچي ويو آهي. سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي هن لکيو ته گوادر پورٽ تي اقتصادي سرگرميون زور شور سان جاري آهن. مال بردار ??ام??نڊي جهاز 17 هزار ٽن ڊي اي پي ڀاڻ کڻي ??وادر پهچي ويو آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين وڌيڪ چيو ته ڊي اي پي ڀاڻ 550 ٽرڪن ذريعي چمن رستي افغانستان موڪليو ويندو. هن چيو ته پهريون ڀيرو ڪارگو جي پيڪنگ مق??مي سطح تي ڪئي وئي آهي. سي پيڪ اٿارٽي جي چيئرمين چيو ته سي پيڪ ??حت منصوبا روزگار ۽ معاشي سرگرمين کي فروغ ڏئي رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن