اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخ??وم شاه ??حم??د ??ري??ي چيو آهي ته پاڪستان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمارڪ جي حڪومت پاڪستان ۾ سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه ??حم??د ??ري??ي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آهي، هن پنهنجي ڊنمارڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مخ??لف ملڪن جي سفارتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمارڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وزير مخ??وم شاه ??حم??د ??ري??ي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه ??حم??د ??ري??ي ڊنمارڪ جي حڪومت تي زور ڀريو ته پاڪستان ۾ سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سفري هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو اشارو ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخ??وم شاه ??حم??د ??ري??ي کي ڊنمارڪ جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو: مخدوم شاه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا