اسلام آباد – 29 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي آهي، زرعي شعبي ۾ جدت ۽ آبادگارن جي خوشحالي حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ اعليٰ سطح جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، قومي سلامتي واري صلاحڪار معيد يوسف، خاص مددگارن ڊاڪٽر شهباز گل، جمشيد اقبال چيمه ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي جڏهن ته چئني صوبن جي چيف سيڪريٽرين وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته ايگري ڊيش بورڊ بروقت فيصلا سازي ۾ مددگار ثابت ٿيندو، ايگريڪلچرل ٽرانفارميشن پلان غذ??ئي خودمختياري ڏانهن پهرين قطم آهي، اجلاس کي غذ??ئي تحفظ ڊيش بورڊ جي فعالي ۽ ايگريڪلچرل ٽرانفارميشن پلان تي اڳڀر??ئي کان آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غذ??ئي تحفظ ڊيش بورڊ کي ڪڻڪ لاءِ مڪمل طور تي فعال ڪيو ويو آهي، ڊيش بورڊ ۾ تعلقي، ضلعي، ڊويزن، صوبي ۽ ملڪي سطح تي ڪڻڪ جي طلب ۽ رسد جا انگ اکر موجود آهن، ڊيش بورڊ جي ذريعي قيمتن، خريداري ۽ جاري، درآ??د ۽ برآمد جي موثر نگراني ۽ وقت سر فيصلا سازي م مدد حاصل هوندي، ان کانسواءِ ڊيش بورڊ جي ذريعي زرعي جنسن ۾ ناجائز منافع ۽ ذخيره اندوزي جي ذريعي قيمتن ۾ جعلي اضافي جي نشاندهي کانپوءِ ذميدارن جي خلاف وقت سر ڪاررو??ئي ۾ به مدد ملندي ۽ ملڪ کي مستقبل ۾ غذ??ئي بحرانن کان بچ??ئي سگهجي ٿو، ڊيش بورڊ ۾ روزاني جي بيناد تي انگن اکر داخل ڪيا ويندا جنهن سان ملڪ ۾ ڪڻڪ جي موجوده ذخيرن جو ريئل ٽائيم ڊيٽا ميسر هوندو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ڪڻڪ کانپوءِ ڊيش بورڊ ۾ کنڊ ۽ ٻين غذ??ئي جنسن کي شامل ڪرڻ جو عمل به جلد مڪمل ڪيو ويندو. ان کانپوءِ اجلاس کي ايگريڪلچرل ٽرانفارميشن پلان تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته فصلن جي پيداوار ۾ اضافي لاءِ اعليٰ معيار جي ٻج جي فراهم کي يقيني بڻايو پيو وڃي. ان مد ۾ ملڪ ۾ موجود ٻج ڪمپنين لاءِ قاعدن ۽ ضابطن ۾ تبديلي ڪري صرف تحقيق کانپوءِ اعليٰ معيار جو ٻج فراهم ڪندڙ ڪمپنين کي ئي رجسٽر ڪيو پيو وڃي. ايشي??ئي ترقياتي بئنڪ جي منصوبي تحت پنجاب، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ اعليٰ نسل جي ٻج جي ورهاست جي پروگرام جي پي سي ون جي منظوري به ڏني وئي وئي آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته آبادگارن تائين ٻج جي پهچ کي يقيني بنائڻ لاءِ ڪنزيومر سورسنگ اٿنٽيسٽي سسٽم (Consumer Sourcing Authenticity System) جو ڊيٽا هلندڙ سال ڊسمبر تائين مڪمل ڪيو ويندو. اجلاس کي چائنز اڪيڊمي آف ايگريڪلچر سائنسز سان تعاون تي اڳڀر??ئي کان به آگاهه ڪيو ويو جنهن کي جلد مڪمل ڪيو ويندو، تعاون سان زرعي شعبي ۾ جدت ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو، جديد ٽيڪنالاجي سان آبادگارن جي في ايڪڙ لاڳت ۾ چڱي خاصي گهٽت??ئي ۽ پيداوار ۾ اضافي سان نه رڳو آبادگار خوشحال ٿيندو پر ملڪ غذ??ئي خودمختياري طرف گامزن ٿيندو، ان کانسواءِ پنجاب ۾ 4 سينيٽرز آف ايڪسيلينس جو قيام، سنڌ، بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ تحقيقي ادارن جي ترقي ۽ آبادگارن ۾ زرعي شعبي جي جدتن جي آگاهي به منصوبي جو حصو آهن، منصوبي ۾ پالتو جان??رن ۾ گوشت ۽ کير جي پيدوار وڌائڻ لاءِ جينياتي بهتري تي خصوصي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ان لاءِ حڪومتي سطح تي درآمد لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي جنهن جي ڪري نه رڳو پيداوار ۾ اضافي تي ڌيان ڏنو پيو وڃي پر جان??رن جي مقامي نسلن جي تحفظ ۽ تحقيق سان سندن پيداوار ۾ اضافو يقيني بڻايو ويندو، پالتو جانور آبادگارن لاءِ 9211 جو متعارف ڪر??ئي پئي وڃي، پنجاب ۾ ان کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي جڏهن ته باقي صوبن ۾ ان تي اڳڀر??ئي جاري آهي، اجلاسن کي زيتون جي پوکي ۽ آبادگار ڪارڊ تي اڳڀر??ئي تي به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو.
موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ جامع حڪمت عملي جوڙي آهي: وزيراعظم
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil