نيويارڪ – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري افغا??ست??ن ۽ ان کان ٻاهر پائيدار امن ۽ استحڪام جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا جاري رکڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغا??ست??ن پاڪستان جي ترجيح آهي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي موقعي تي افغا??ست??ن جي لاءِ آمريڪا جي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران پرڏيهي وزير توسيعي ٽرائيڪا مڪينزم سميت افغا??ست??ن ۾ اڳتي وڌڻ جي لاءِ علائق??ئي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۾ پاڪستان جي سهولت فراهم ڪرڻ جي ڪوششن کي اجاگر ڪيو. هن افغا??ست??ن سان ٻطرفي ڳالهين جي حمايت سان گڏوگڏ عالمي انساني امداد جي وسيع سهولت لاءِ پاڪستان پاران ک??يل مختلف قدمن تي پڻ روشني وڌي. افغا??ست??ن ۾ انساني همدرديءَ جي امڪانن جو حوالو ڏيندي جن بابت گڏيل قومن ۽ عالمي ايجنسين خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ سرديءَ جي موسم ۾ وڌيڪ خراب ٿي وينديون، پرڏيهي وزير زور ڏنو ته اهڙي طرح جي صورتحال جي نتيجي ۾ وڏي پئماني تي پناهگيرن جي لڏپلاڻ ٿي سگهي ٿي ۽ دهشتگردن/ انتهاپسندن کي مضبوط ٿيڻ جو موقعو ملي سگهي ٿو ۽ ان جا علائق??ئي ۽ عالمي اثر پوندا. افغا??ست??ن جي لاءِ آمريڪي خصوصي نمائندي ٿامس ويسٽ افغا??ست??ن ۾ امن ۽ استحڪام ۽ انخلا ۾ سهولت تي پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ٻنهي ڌرين افغان عوام جي مصيبتن جي خاتمي ۽ علائق??ئي امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ مسلسل ڪوششن ۽ عالمي برادري جي شموليت جي گڏيل مقصدن جي لاءِ مسلسل تعاون جي ضرورت جو اعتراف ڪيو.
عبوري افغان حڪومت سان عالمي رابطا ضروري آهن، هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان پاڪستان جي ترجيح آهي: بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج