لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي پهچ کي بهتر بڻائڻ ۽ معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي ته جيئن اهي معاشري جا برابر، پيداواري ۽ فعال شهري بڻجي سگهن. گورنر هائوس ۾ معذور ماڻهن سان هڪ انٽر ايڪٽو ڊائيلاگ جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي هن چيو ته معذور ماڻهن سان روين ۾ تبديلي انهن کي معاشري جو ڪارائتو ميمبر بڻائڻ جي لاءِ ضروري آهي. صحت جي عالمي اداري (ڊبليو ايڇ او) ۽ پنجاب جي سوشل ويلفيئر کاتي جي اهتمام هيٺ منعقد ??يندڙ تقريب ۾ خاتون اول بيگمه ثمينه عارف علوي پڻ شرڪت ڪئي. سماجي ڀلائي واري ص??بائي وزير غضنفر عباس ڇينا، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، صحت، سماجي ڀلائي ۽ اسپيشل ايجوڪيشن سميت مخ??لف صوبائي کاتن جي انتظامي سيڪريٽرين، معذور ماڻهن جي وڏي انگ، مخ??لف اين جي اوز جي نمائندن ۽ ٻين انٽر ايڪٽو سيشن ۾ شرڪت ڪئي. صدر چيو ته معاشري ۾ انهن جي قبوليت کي وڌائڻ کانسواءِ معذور ماڻهن جي خلاف امتيازي سلوڪ، منفي ۽ دقيانوسي تصورن ۽ سماجي منع کي ختم ڪرڻ ۾ ميڊيا جو خاص ڪردار آهي. ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جي زندگي جي سمورن شعبن ۾ شموليت کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهن کي مرڪزي ڌارا جي ادارن ۾ تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي پڻ ضرورت آهي. هن چيو ته ٻڌڻ، ڏسڻ، جسماني ۽ ذهني معذوري وارن ماڻهن کي باقاعده اسڪولن ۾ تعليم ڏئي سگهجي ٿي شرط اهو آهي ته انهن کي صحيح مددگار ٽيڪنالاجي فراهم ۽ انهن جي استادن کي مناسب تربيت ڏني وڃي. هن چيو ته عالمي سطح تي معذور ماڻهن بابت رويو تبديل ٿي رهيو آهي ۽ انهن کي زندگي جي سمورن شعبن ۾ تيزي سان سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن جڏهن ته پاڪستان مخ??لف سرگرمين ۾ معذور ماڻهن جي شرڪت جي لحاظ سان پٺتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته معذور ماڻهن کي سرڪاري ڪوٽا موجب نوڪريون ڏيڻ، معذور ماڻهن کي جن جي معتدل ۽ شديد قسم جي معذوري آهي انهن کي به مخ??لف نوڪرين ۾ انهن جي قابليت ۽ مهارت موجب جڳهه ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پاڪستان ۾ معذور ماڻهن جي تعداد بابت صحيح انگن اکرن جي کوٽ آهي، جڏهن ته مخ??لف اند??زن موجب اهي اسان جي آبادي جو 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن. هن چيو ته پاڪستان کي پنهنجي آبادي جي ان وڏي حصي کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي، انهن کي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي ص??احيتن کي ڀرپور صلاحيتن موجب وڌائڻ جي لاءِ مناسب ڪوششون ڪرڻ گهرجن.
صدر پاران معذور ماڻهن کي معاشري جي مرڪزي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششن جي ضرورت تي زور
مضمون کا ماخذ : سندھ لاٹری