اسلام آباد – 20 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري و??ار?? جي وفاقي سيڪريٽري ??اهيره شاهد چيو آهي ته اطلاعات ۽ نشريات واري و??ار?? ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن، پيمرا ۽ صحافين سان لاڳاپيل قانونن تي ڌرين جي مشاورت کانپوءِ ترميمن جي لاءِ انهن قانونن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس کي بريفنگ ڏئي رهي هئي. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرمين جويريه ظفر آهير ڪئي، اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيو. اجلاس کي اطلاعات ۽ نشريات واري و??ار?? پاران پاڪستان اليڪٽرانڪ ميڊيا ريگيوليٽري ??ٿارٽي (پيمرا)، پاڪستان انفارميشن ڊپارٽمينٽ (پي آءِ ڊي) سان لاڳاپيل قانونسازي مسودو، پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ڪارپوريشن (پي بي سي)، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) سان لاڳاپيل ترميمن تي بريفنگ ڏني وئي. اطلاعات ۽ نشريات واري ??يڪريٽري ٻڌايو ته 7 بلز غور هيٺ آهن ۽ و??ار?? ترميمن کانپوءِ انهن کي قانونسازي ڪيسز بابت ڪابينا ڪميٽي ڏانهن موڪليندي. هن چيو ته معزز اسلام آباد هاءِ ڪورٽ و??ار?? کي هدايت ڪئي آهي ته اها ترميمون ڪرڻ کان اڳ سمورين ڌرين سان مشاورت ڪري. و??ار?? اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هدايت موجب لاڳاپيل ڌرين سان مسلسل رابطو ڪري ??هي آهي. هن واضح ڪيو ته و??ار?? صحافين جي تحفظ جي حوالي سان پڻ ڪم ڪري ??هي آهي ۽ ان حوالي سان ڌرين سان مشاورت جاري ??هي. اطلاعات واري ??يڪريٽري ٻڌايو ته صحافين ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي تحفظ بابت ڪيسز کي هيومن رائيٽس ڊويزن کان انفارميشن ڊويزن ۾ منتقل ڪيو ويو هو جنهن هاڻي انهن کي پارلياماني معاملن واري ڊويزن ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد پوليس جي نمائندي صحافين ۽ ميڊيا جي پيشيواراڻي ماڻهن جي تحفظ بابت ڪيسن جي اڳڀرائي تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني. هن بڌايو ته آءِ سي ٽي پوليس جي پيٽرولنگ اهلڪارن کي ميڊيا هائوسز ۽ ميڊيا پروفيشنلز جي رهائشگاهن جي سيڪيورٽي جي لاءِ هدايت ڪئي وئي آهي. هن اهو به ٻڌايو ته عدالت جي هدايت موجب هڪ ايف آءِ آر داخل ڪئي ويندي. ڪميٽي هدايت ڪئي ته گهرو وزير اي??دڙ اجلاس ۾ ڪميٽي کي صحافين جي تحفظ جي لاءِ و??ار?? پاران کنيل قدمن کان آگاهه ڪري. بعد ۾ ڪميٽي پرائيويٽ ميمبرز بل، جنهن جو عنوان هو ”دي انڊيسنٽ ايڊورٽائيزمنٽ پرهيبيشن (ترميمي) ??ل 2022ع“ (موجوده ايم اين اي محمد جمال الدين) کي ٻي قانونسازي سان گڏ ملتوي ڪري ڇڏيو ۽ ان تي اي??دڙ اجلاس ۾ غور ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪرن عمران ڊار، زيب جعفر (وڊيو لنڪ ذريعي)، ذوالفقار علي ڀان، ناز بلوچ ۽ پروفيسر ڊاڪٽر شهناز نصير بلوچ، ناصر خان موسيٰ زئي، اطلاعات ۽ نشريات واري و??ار??، قانون ۽ انصاف واري و??ار??، گهرو و??ار??، آءِ سي پي پوليس، پيمرا، پي آئي ڊي، پي بي سي ۽ اي پي پي جا عملدار شريڪ هئا.
اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت ۾ ذيلي ادارن بابت 7 قانون غور هيٺ آهن: شاهيره شاهد
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر