سکر – 21 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، انصاف ڪرڻ تمام وڏي نيڪيءَ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ ??فا??ي ??حت??ب انشورنس ريجنل آفيس سکر جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻ جي لاءِ هن اداري ساراهه جوڳو ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ ماڻهو انصاف جي فراهمي کي تيز ڪرڻ ۽ مسئلن جي فوري حل لاءِ قدم کڻي رهيا آهن. تازن سالن ۾ پاڪستان ۾ به ??فا??ي ??حت??بن جي مدد ??ان سائلين جي مسئلن جي حل ۾ تيزي آئي آهي. بئنڪنگ صارفين جا مسئلا هجن يا ملڪي مسئلا، انهن جي فوري حل ۽ وقت سر فيصلن ??ان ئي ماڻهن جي شڪايتن جو ازالو ٿيندو. صدر چيو ته جيڪڏهن ا??ان ايگريڪلچر انسورنس تي ڌيان ڏيون ها ته تازي ٻوڏ ??ان آبادگارن ۽ زميندارن کي ٿيندڙ نقصانن جو ازالو ڪري سگهياسين پئي. هن چيو ته ملڪ جي سمورن سيڪٽرز ۾ انشورنس جي رجحان کي وڌائڻو پوندو. صدر چيو ته سکر ۾ ??فا??ي ??حت??ب جا ڪيترائي ادارا موجود آهن پر عوامي سطح تي ماڻهن کي انهن جي ڄاڻ نه آهي. هن اداري ۾ موجود آفيسرن کي پنهنجي ڪم ۽ ڪارڪردگي کي ميڊيا ۾ آڻڻ گهرجي ڇو ته هي دور سوشل ميڊيا ۽ ڪميونيڪشن جو دور آ??ي. ان کان اڳ صدر اڱاري ڏينهن هڪ ڏينهن جي دوري تي سکر پهتو. سکر ايئرپورٽ تان آءِ بي اي يونيورسٽي آيو جتي هن ??فا??ي انشورنس ??حت??ب ريجنل آفيسر سکر جو افتتاح ڪيو. ??فا??ي انشورنس ??حت??ب ڊاڪٽر محمد خاور جميل صدر جو استقبال ڪيو.
سستي ۽ فوري انصاف جي فراهمي لاءِ سمورن ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : جنگل کی روح: جنگلی کی کال