اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عدالتي سڌارن جي بل جي منظوري سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف جي 8 ه??ن ترميم جي خاتمي جي حوالي سان قومي اسيمبلي کي تاريخي خطاب جو حوالو ڏنو جنهن ۾ قائد نواز شريف چيو هو ته ”اڄ عملي طور تي ڪري ڏيکاريو آهي ته هر شيءَ جو پنهنجو و??ت هوندو آهي ۽ پنهنجي وقت تي جيڪڏهن اها شيءَ خوش اسلوبي سان ٿي وڃي ته اهو ئي بهتر هوندو آهي، غيرضروري گوڙ ڪرڻ ۽ ڪرڻو ڪجهه ناهي، ماضي جون روايتون آهن، اسان کي اُها ڳالهه ڪرڻ گهرجي جنهن تي اسان عمل ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا، اهو پاڪستان جو مفاد ۽ پارليامينٽ جي بالادستي آهي، اڄ پارلياماني جمهوريت جو روح زندهه ٿي ويو آهي، جنه?? انداز ۾ هي سڄي ڪارروائي ٿي، اهو ان ڪم جي نوعيت ک??ن وڌيڪ خوبصور?? هو، اسان جي آڏو سدائين هڪ ئي مقصد هوندو“.
عدالتي سڌارن جي بل جي منظوري سان مسلم ليگ (ن) جي قيادت هڪ ڀيرو ٻيهر سرخرو ٿي آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : لوٹومینیا