اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي گڏ??ل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار ر??ڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو آهي. ٻنهي اڳواڻن ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران وزيراعظم شهباز شريف ايران سان گڏ??ل دلچسپي جي سمورن شعبن خاص طور تي واپار، توانائي تعاون، سلامتي ۽ علائقائي استحڪام ۾ بطرفن لاڳاپن کي م??بوط بڻائڻ ج?? حوالي سان پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن تازو ئي پولان گبد اليڪٽرسٽي ٽرانسميشن لائين جي فعال ٿيڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ ايراني حڪومت جي تعاون کي ساراهيو. وزيراعظم ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ گڏ??ل افهام تفهيم ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا سميت عوام سان عوام جي رابطن کي وڌائڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو. وزيراعظم شهباز شريف خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ايراني قيادت جي ڪوششن کي ساراهيندي صدر ابراهيم رئيسي کي ايران ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپن جي بحالي جي تاريخي اڳڀرائي تي م??ارڪباد ڏني. وزيراعظم چيو ته فلسطين جي والاريل علائقن ۾ اسرائيل پاران انساني حقن جي خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ٿيڻ گهرجي. هن گڏ??ل قومن جي لاڳاپيل قراردادن ۽ عالمي قانونن موجب ٻه رياستي حل جي بنياد تي اسرائيل فلسطين تڪرار جي منصفاڻي ۽ پائيدار حل جي ضرورت تي زور ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايران جي صدر سيد ابراهيم رئيسي پاران گڏيل دلچسپي جي سمورن معاملن تي ويجهو رابطو برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ
مضمون کا ماخذ : وائکنگز گو برزرک