اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان چي?? آهي ته ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون ??ار?? آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چي?? ته والاريل علائقي ۾ عورتون پنهنجي خاندانن ۽ برادرين کي غيرقانوني ۽ زبردستي ڀارتي قبضي جي خلاف بيهڻ تي سزا ڏيڻ جي ذريعي اڪثر تشدد ۽ جارحيت جو نشانو بڻجنديون رهيون آهن. هن چي?? ته ڀارتي قابض فوج نام نهاد ”ڪورڊن ا??نڊ سرچ آپريشنز“ دوران نوجوان عورتن کي اغوا ۽ هراسان ڪرڻ کي پوري برادرين کي سزا ڏيڻ جي لاءِ هڪ هٿيار طور استعمال ڪيو آهي. ترجمان چي?? ته عورتن جي خلاف تشدد جون ا??ي ڪارروايون ??ار?? آهن جن کي آرمڊ فورسز اسپيشل پاورز ايڪٽ جهڙن سخت قانونن سان سگهه ملي ٿي جيڪي ڀارتي قابض فورسز کي انهن جي جنسي تشدد جي ڏوهن جي لاءِ قانوني چاره جوئي کان بچائين ٿا. هن چي?? ته ڏوهارين جي احتساب جي کوٽ والاريل علائقي ۾ عصمت دري جو شڪار ٿيندڙن جي لاءِ انصاف جي عدم موجودگي جي وضاحت ڪري ٿي. ترجمان چي?? ته انساني حقن جون ا??ي خلاف ورزيون ختم ٿيڻ گهرجن ته جيئن ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جون عورتون ا??ن ۽ وقار سان رهي سگهن.
ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون جاري آهن: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil