اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت ??ذمت ڪئي آهي ۽ دنيا تي زور ڏنو آهي ته اها ڪئناڊا جي سرزمين تي ڀارت جي رياستي سرپرست?? ۾ ??يندڙ قتل جو سنجيدگي سان نوٽيس وٺي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر سک اڳواڻ جي قتل تي ڳڻتي جو اظهار ??ندي چيو ته ڀارت جي اندر ۽ ٻاهر اقليتي گروهن جي قيادت تي ظلم ڪرڻ ۽ انهن کي ختم ڪرڻ ڀارت جي پاليسي رهي آهي. صدر وڌيڪ چيو ته سک اڳواڻ جي بي رحماڻي قتل ڀارت جو اصل چهرو بي نقاب ڪري ڇڏيو جيڪو اقليتي گروهن جي خلاف عدم برداشت جو مظاهرو ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت ڪيترن ئي ڏهاڪن کان غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن ۽ ٻين اقليتي برادرين جي خلاف دهشتگردي جاري رکي آهي. هن افسوس جو اظهار ??يو ته غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران ڪيل ظلمن ۽ اقليتن تي ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انهن جي عبادتگاهن کي مسمار ??رڻ تي دنيا جي خاموشي ۽ بي عملي ڀارت کي غيرملڪي سرزمين ۾ اهڙي قسم جون ڪارروايون ڪرڻ جو حوصلو ڏنو. هن چيو ته اهو هڪ کليل راز آهي ته ڀارت پاڙيسري ملڪن جي سرزمين پاڪستان جي خلاف استعمال ڪرڻ، فالس فليگ آپريشنز، پاڪستان ۾ دهشتگردي جي ڪاررواين جي لاءِ عسڪريت پسندن کي تربيت، فنڊنگ ۽ مدد فراهم ڪري خط?? ۾ ??شڪلاتن ۽ عدم استحڪام جو سڀ کان وڏو ذريعو آهي پر افسوس جو دنيا خاموشي اختيار ??ري رکي آهي.
صدر پاران ڪئناڊا جي سک اڳواڻ هرديپ سنگهه جي قتل ۾ ڀارت جي ملوث هجڻ جي سخت مذمت
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت