لنڊن – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران و??ير??عظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري آجياڻي جو اهتمام ڪيو. آجياڻي ۾ برطانيا جي مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن جي وڏي انگ ۽ پاڪستاني برادري جي ??هم شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي نگران و??ير??عظم شاندار استقبال تي ٿورا مڃيا ۽ گڏيل قدرن ۽ خواهشن تي ٻڌل پائيدار پاڪ برطانيا لاڳاپن جي ??هميت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ملڪن جي ??رقي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪرڻ تي برطانيا ۾ پاڪستاني برادري جي ??دمتن کي ساراهيو. نگران و??ير??عظم آجياڻي جي ??رڪت ڪندڙن کي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڀرپور عزم جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل هڪ بهترين پليٽ فارم مهيا ڪري رهي آهي، ان مان فائدو ک??ڻ گهرجي. نگران و??ير??عظم جامع، آزاداڻي ۽ شفاف چونڊ عمل جي ??هميت تي زور ڏيندي جمهوري نظرين جي لاءِ قوم جي ??زم جو ورجاءُ ڪيو. آجياڻي واري تقريب گڏيل مفاد جي معاملن تي تعميري مڪالمي جو بهترين موقعو فراهم ڪيو. آجياڻي جي پڄاڻي تي سوال ۽ جواب جو سيشن پڻ ٿيو جنهن ۾ نگران و??ير??عظم برطانوي پارليامينٽ جي ميمبرن جي ??والن جا تفصيلي جواب ڏنا.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي مان ۾ دارالامراءِ ۾ لارڊ ضمير چوڌري پاران آجياڻي جو اهتمام
مضمون کا ماخذ : ڈاگ ہاؤس