اسلام آباد – 10 فيبروري (اي پي پي) چيف آف آرم?? اسٽاف جنرل سيد عاصم منير عام چونڊون 2024 ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ تي سڄي پاڪستاني قوم، نگران حڪومت، سياسي ??ارٽين ۽ سمورن ڪامياب ٿيل اميدوارن کي مبارڪون ڏيندي چيو آهي ته پاڪستاني عو??م جي پنهنجي راءِ ڏيڻ جي حق ج?? استعمال لاءِ آزاد ۽ بنا روڪ ٽوڪ جي شرڪت جمهوريت لاءِ سندس عزم جو ثبوت آهي، الله ڪر?? اهي چونڊون سياسي ۽ معاش?? استحڪام آڻن ۽ اسان جي پياري پاڪستان لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين. قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ چيف آف آرم?? اسٽاف چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي قيادت ۽ اهلڪار تمام گهڻين ڏکيائين باوجود چونڊ عمل لاءِ محفوظ ماحول بڻائڻ لاءِ سڀني کان وڌيڪ تعريف جا مستحق آهن. قومي ميڊيا، سول سوسائٽي، سول انتظاميا ۽ عدليه جي ميمبرن جي تعميري ڪردار قومي تاريخ جي سڀني کان وڏي چونڊ مشق کي ڪاميابي سان منعقد ڪرائڻ کي ممڪن بڻايو. چيف آف آرم?? اسٽاف چيو ته سمورين جمهوري قوتن جي نمائنده متحد حڪومت، پاڪستان جي سياست کي قومي مقصد سان گڏ بهتر طريقي سان پيش ڪندي، چونڊ ۽ جمهوريت پاڪستان جي عو??م جي خدمت جو ذريعو آهن، قوم کي انتشار ۽ ورهائڻ جي سياست کان اڳتي وڌڻ لاءِ مستحڪم هٿن ۽ هڪ صحت بخش عمل جي ضرورت آهي. انتشار ۽ ورهائڻ واري سياست 25 ڪر??ڙ آبادي واري ترقي پسند ملڪ لاءِ مناسب ناهي. چيف آف آرم?? اسٽاف چيو ته چونڊ کٽڻ يا هارائڻ جو مقابلو نه پر عو??م جي مينڊيٽ جو تعين ڪرڻ جي مشق آهي، سياسي ??يادت ۽ انهن جي ڪارڪنن کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي حڪومت ۽ عو??م جي خدمت ڪرڻ جي ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ گهرجي جيڪو جمهوريت کي فعال ۽ بامقصد بڻائڻ جو واحد رستو آهي. هن چيو ته پاڪستان جي عو??م پاڪستان جي آئين تي پنهنجو گڏيل اعتماد ظاهر ڪيو آهي، هاڻي سمورن سياسي ??ارٽين تي فرض آهي ته اهي سياسي ??ختگي ۽ اتحاد سان ان جو جواب ڏين، جڏهن اسان ان قومي سنگ ميل کان اڳتي وڌون ٿا ته اسان کي ان ڳالهه تي غور ڪرڻ گهرجي ته اڄ ملڪ ڪٿي بيٺو آهي ۽ باقي قومن ۾ اسان جو صحيح مقام ڪٿي هجڻ گهرجي. آرمي چيف خواهش جو اظهار ڪيو ته اهي چونڊون سياسي ۽ معاش?? استحڪام آڻڻ ۽ اسان جي پياري پاڪستان لاءِ امن ۽ خوشحالي جو مرڪز ثابت ٿين.
چيف آف آرمي اسٽاف سيد عاصم منير پاران قوم کي عام چونڊون ڪاميابي سان منعقد ٿيڻ تي مبارڪون
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ پاکستان