بيجنگ – 06 – جون (اي پي پي) وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف پاڪ – چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪس??ان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اهي لاڳاپا گڏيل لاڀا??تي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ – چين اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو، ??ين?? سيڙپڪار ۽ واپاري پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف چين ۾ پاڪستاني سفارتخاني، چائنيز پيپلز ايسوسيئيشن فار فرينڊشپ ود فارن ڪنٽريز ۽ چائنا انٽرنيشنل ڪلچرل ڪميونيڪشن سينٽر جي حصيداري سان منعقد پاڪ – چين دوستي ۽ ڪاروباري تقريب جو خاص مهمان هو. تقريب ۾ پاڪساني وفد جي ٻين ميمبرن ۽ ناليوارن ??ين?? معززن، عملدارن، تعليمي ماهرن، ٿنڪ ٽينڪ جي ماهرن ۽ ڪاروباري شخصيتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. تقريب کي پنهنجي اهم خطاب ۾ وزيراعظم ??حم?? شهباز شريف پاڪ چين سدابهار اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو حصيداري جي لاءِ پاڪس??ان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو جيڪا گڏيل احترام، اسٽريٽجڪ اعتماد ۽ گڏيل فائديمند تعاون تي ٻڌل آهي. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ تهذيبي لاڳاپن تي زور ڏيندي هن پاڪ چين دوستي جي خصوصي ۽ منفرد ??ردار کي اجاگر ڪيو جيڪا هر مشڪل گهڙيءَ ۾ ڪسوٽي تي پوري لٿي. وزيراعظم عالمي امن، سلامتي ۽ ترقي جي لاءِ گهڻ رخي ۽ عالمي قانون جي اهميت تي زور ڏنو. هن گڏيل افهام تفهيم ۽ گڏيل خوشحالي جي سفر جي ذريعي خاص طور تي اسرندڙ دنيا جي ملڪن سان تعاون ۽ ڳالهه ٻولهه جي چين جي موقف کي ساراهيو. وزيراعظم بني نوع انسان جي گڏيل مستقبل جي تعمير جي صدر شي جن پنگ جي ويزن ۽ بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو، گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو ۽ عالمي تهذيبي قدمن سميت ان سان لاڳاپيل قدمن کي ساراهيو. هن موجوده دنيا کي درپيش امن، سلامتي ۽ ترقي جي چئلينجن جو عملي حل فراهم ڪرڻ جي لاءِ انهن قدمن جي تڪميل ڪئي. سي پيڪ کي پاڪس??ان جي معاشي سڌارن جي ايجنڊا جي اهم حصي جي طور تي اجاگر ڪندي وزيراعظم چيو ته سي پيڪ گڏيل طور تي فائديمند ٻطرفي تعاون جي ڪاميابي ۽ پاڪس??ان جي اقتصادي ترقي جي لاءِ هڪ مضبوط بنياد فراهم ڪيو. هن ان يقين جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ جو اڳيون مرحلو پاڪ چين اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جو ڪم ڪندو. وزيراعظم ??ين?? سيڙپڪارن ۽ واپارين تي زور ڏنو ته اهي پاڪس??ان ۾ سيڙپڪاري جي موقعن مان فائدو کڻن خاص طور تي خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل عالمي سيڙپڪارن کي ون ونڊو سلوشن پيش ڪري ٿي. هن کاڻين جي کوٽائي، آءِ سي ٽي ۽ زراعت جي ترجيحي شعبن ۾ عملي ۽ گڏيل طور تي لاڀا??تي تعاون تي زور ڏنو.
پاڪ – چين لاڳاپا گڏيل لاڀائتي تعاون تي ٻڌل آهن، سي پيڪ جو اڳيون مرحلو اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪندو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام