اسلام آباد– 13 – جون (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري انشو??نس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشو??نس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته انشو??نس محتسب پنهنجي پهچ وڌائي ۽ شڪايتن جو فوري حل يقيني بڻائي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار وفاقي انشو??نس محتسب ممتاز علي شاهه سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته انشو??نس ڪيسز ۾ وڌ کان وڌ شهرين کي مالياتي ريليف فراهم ڪرڻو پوندو. هن چيو ته انشو??نس ڪليمز جي حل ۾ متاثر پاليسي هولڊرز کي انصاف جي فراهمي ۾ انشو??نس محتسب جي ڪردار بابت آگاهي جي ضرورت آهي، هن چيو ته انشو??نس محتسب شڪايتن جي ازالي جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي ۽ آءِ سي ٽي ٽولز جو استعمال ڪري. ان کان اڳ صدر ايوان صدر ۾ منعقد حلف برداري واري تقريب ۾ ممتاز علي شاهه کان وفاقي انشو??نس محتسب جي عهدي جو حلف ورتو.
انشورنس ڪمپنين جي بدانتظامي جي خلاف متاثر انشورنس پاليسي هولڊرز کي فوري ۽ مفت انصاف فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي: صدر آصف علي زرداري
مضمون کا ماخذ : بولو دا میگا سینا