اسلام آباد – 09 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي، فيڊرل بورڊ آف ر??ينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن ڪئي ويندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن برطانوي تعليمدان ۽ برطانوي وزيراعظم جي ڊيليوري يونٽ جي اڳوڻي سربراهه سر مائيڪل ب??ربر جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. وفد ۾ برطانوي فارن، ڊيولپمينٽ ۽ ڪامن ويلٿ آفيس جي ڊائريڪٽر جوموئير ۽ سينيئر گورننس ايڊوائيزر نويد عزيز ۽ ميٽ ڪلينسي شامل هئا. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ برطانيا ??ا تاريخي ٻطرفا لاڳاپا آهن جيڪي ڏهاڪن تي ٻڌل آهن ۽ وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿي رهيا آهن، پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. هن چيو ته برطانيا پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ مدد فراهم ڪري رهيو آهي ۽ پاڪستان جو اهم حصيدار آهي، اسان برطانوي حڪومت جا ٿورائتا آهيون، ٻنهي ملڪن جي عوام جي گڏيل رابطن کي وڌيڪ مضبوط ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پاڪستان حڪومت ملڪ جي معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، فيڊرل بورڊ آف ر??ينيو سميت معيشت جي ڊيجيٽائيزيشن جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي حوالي سان غيرفعال ادارن کي ختم ڪيو پيو وڃي ۽ ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته روانگي واپار ۽ ٽيڪس بيس ۾ اضافي جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. پاڪستان ۾ انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ زراعت سان لاڳاپيل ب??آمدات جي حوالي سان تمام گهڻي صلاحيت آهي. وفد کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته وفاقي وزارتن جي ڪارڪردگي جانچڻ جي حوالي سان ٽاسڪ مئنيجمينٽ سسٽم قائم ڪيو ويو آهي. سر مائيڪل ب??ربر حڪومت جي معاشي بحالي جي پلان کي ساراهيو ۽ چيو ته حڪومت معاشي سڌارن جي حوالي سان صحيح رخ ۾ وڃي رهي آهي. هن اميد ظاهر ڪئي ته وزيراعظم شهباز شريف جي موثر قيادت ۾ پاڪستان جلد ئي معاشي مشڪلاتن تي ضابطو آڻڻ ۾ ڪامياب ٿيندو. وفد جي ميمبرن چيو ته برطانيا پاڪستان کي هر شعبي ۾ ڀرپور مدد ۽ تعاون فراهم ڪندو، پاڪستان جي ترقي اسان جي ترقي آهي. ملاقات ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير ??حد خان چيما، ناڻي ۽ اوڳاڙين وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير ??اڻا تنوير ??سين، انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري مملڪتي وزير ??زه فاطمه خواجه، وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل، ڊپٽي چيئرمين پلاننگ ڪميشن جهانزيب خان ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسر موجود هئا.
حڪومت معاشي بحالي جي لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، سرڪاري ملڪيتي ادارن جي نجڪاري ڪئي پئي وڃي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي جي لاءِ غيرفعال ادارن کي ختم ڪري، ڊائون سائيزنگ جي پاليسي تي عمل ڪيو پيو وڃي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک واریر شہزادی