اسلام آباد-13 آگسٽ (اي پي پي) صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ ک??ڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي ۽ قيمتن جو جائزو ورتو ويو، ايڊوائيزري بورڊ تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. راڻا تنوير حسين ان موقعي تي چيو ته تاجڪستان کي کنڊ جي ايڪسپورٽ گورنمينٽ ٽو گورنمينٽ سطح تي ٿيندي، کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ايڪسپورٽ کان ڌار ڪرڻ جو فيصلو ڪ??و ويو آهي. شوگر ملز ايسوسيئيشن سان ريٽيل پرائيس جو ڪوبه تعلق ناهي. وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته شوگر ملز مالڪن طرفان ڪمند جي آبادگارن کي باقي رهتن جي ادائيگي جلد ڪئي ويندي. ضلعي انتظاميه کنڊ جي ريٽيل قيمت کي ڪنٽرول ڪن??ي، ملڪ ۾ هن وقت کنڊ جو 28 لک ميٽرڪ ٽن اسٽاڪ موجود آهي، ملڪ ۾ هن وقت واڌو کنڊ موجود آهي. پڌرائي ۾ چ??و ويو ته ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنرز ملڪ ۾ ک??ڊ جي اسٽاڪ جي دستيابي کي ٻيهر چيڪ ڪن??ا. ايف بي آر ۽ ڪين ڪمشنر شوگر ايڊوائيزري بورڊ جي ايندڙ اجلاس ۾ مصالحتي رپورٽ پيش ڪن??ا. اضافي کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جو فيصلو ان رپورٽ جي روشني ۾ ڪ??و ويندو.
صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير جي صدارت هيٺ شوگر ايڊوائيزري بورڊ جو اجلاس، تاجڪستان کي 40 هزار ميٽرڪ ٽن کنڊ ايڪسپورٽ ڪرڻ جي سفارش
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش