اسلام آباد-05 سيپٽمبر(اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چي??رمين رانا مشهود احمد خان س??ن پاڪستان جي اُڀرندڙ ريسلر اطهر زاهد ملاقات ڪئي جيڪو 4 آڪٽوبر تي نيپال ۾ ٿيندڙ عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندو. ان موقعي تي چي??رمين، اطهر زاهد جي عزم ۽ محنت جي تعريف ڪئي ۽ ان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. اطهر زاهد جيڪو ڀارتي ريسلر سنگهم دوبي سان مقابلي لاءِ پُرعزم آهي، چيو ته هو ڀرپور محنت س??ن پاڪستان لاءِ هي ٽائٽل کٽڻ لاءِ تيار آهي. چي??رمين، پاڪستان جي نوجوانن جي صلاحيتن تي اعتماد جو اظهار ڪندي چيو ته نوجوان رانديگرن جي حمايت حڪومت جي اولين ترجيح آهي ته جيئن هو عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪري سگهن. عالمي ريسلنگ چيمپئن شپ نيپال ۾ منعقد ٿيندي ۽ پاڪستاني عوام اطهر زاهد جي ڪاميابيءَ لاءِ پُراميد آهي. چي??رمين چيو ته ملڪ ۾ راندين کي هٿي ڏيارڻ لاءِ ڪوشان آهيون ۽ ان سلسلي ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت ٽيلنٽ هنٽ اسپورٽس پروگرام ڪم ڪري رهيو آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ مان بهترين ٽيلنٽ کي چونڊيو ويندو ۽ ان کي بهترين تربيت فراهم ڪئي ويندي.
راڻا مشهود احمد خان ريسلر اطهر زاهد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت