اسلام آباد-23 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر غلام مصطفيٰ شاهه مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪ??دي چيو آھي ته مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو هميشه برداشت، صبر ۽ حق جو آواز بلند ڪرڻ جو سبق سکاريو ۽ ملڪ ۾ جمھوريت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ مثالي جد?? جھد ڪئي. قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر بيگم نصرت ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي پنھنجي پيغام ۾ چيو ت?? بيگم نصرت ڀٽو جمھوريت جي بحالي خاطر قيد جون مشڪلاتون برداشت ڪيون ۽ ڏکئي وقت ۾ به صبر ۽ استقامت جو دامن نه ڇڏيو. ھن چيو ت?? بيگم نصرت ڀٽو پنھنجي اولاد جي بھترين پرورش ڪئي. بيگم نصرت ڀٽو ۽ شھيد محترمه بينظير ڀٽو ملڪ جي عورتن لاءِ رول ماڊل آھن. پاڪستان پيپلز پارٽي شھيدن جي پارٽي آھي مستقبل ۾ به پاڪستان جي بقا لاءِ ڪنھن قرباني کان نه ڪيٻائيندي. پاڪستان جي ترقي ۽ آئين جي بل??دي لاءِ سڀ کان وڌيڪ قربانيون پاڪستان پيپلزپارٽي ڏنيون آهن. آئين جي بالادستي، قانون جي حڪمراني ۽ پارليامينٽ جي وقار لاءِ جد?? جھد جاري رکنداسين. بيگم نصرت ڀٽو جي خدمتن کي پاڪستاني تاريخ ۾ ساندار لفظن ۾ لکيو ويندو. ھن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مادر جمھوريت بيگم نصرت ڀٽو جا درجا بلند ڪري ۽ کيس جنت ۾ اعليٰ مقام نصيب فرمائي.
بيگم نصرت ڀٽو سدائين برداشت، صبر ۽ حق جو آواز بلند ڪرڻ جو سبق سکاريو: قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات