واشنگٽن-24 آڪٽوبر (اي پي پي) ??اڻ?? واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته گذريل هڪ سال دوران معيشت جي بهتري لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کنيا ويا جن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ مهانگ??ئي ۾ گهٽت??ئي سان گڏ مختلف شعبن ۾ بهتري ڏسڻ لاءِ ملي آهي. انهن سڌارن جو مقصد معاشي استحڪام ۽ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ هو، جنهن لاءِ اهم اقتصادي ۽ انتظامي تبديليون متعارف ڪرايون ويون. اهڙو اظهار هن واشنگٽن ۾ ولسن سينٽر ۾ پاڪستان جي معاشي صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي ڪيو. هن گذريل هڪ سال دوران معيشت جي ڪ??رڪردگي ۽ مختلف سڌارن جو ذڪر ڪيو، جن ۾ ٽيڪس کي وڌائڻ، خرچن ۾ گهٽتائي، توان??ئي جي شعبي ۾ سڌارا، سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ، ڪاروبار لاءِ هڪجه??ا موقعا فراهم ڪرڻ ۽ موسمياتي استحڪام جون ڪوششون شامل آهن. معاشي ڪ??رڪردگي کي اجاگر ڪندي ??اڻ?? واري وزير چيو ته انهن سڌارن ۾ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ شامل هو ته جيئن ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح ۾ اضافو ٿي سگهي، جڏهن ته خرچن تي ضابطو آڻڻ لاءِ سبسڊي ۾ گهٽتائي ڪ??ي وئي. توان??ئي جي شعبي ۾ به بهتري لاءِ قدم کنيا ويا. سرڪاري ادارن جي حڪمراني کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ٿيو، ڪاروباري ادارن لاءِ برابر موقعا فراهم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا ويا ته جيئن معيشت کي پائيدار بڻ??ئي سگهجي.
معيشت جي بهتري جي ترجيحي قدمن سان مهانگائي ۾ گهٽتائي ۽ مختلف شعبن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آئي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : سٹاربرسٹ