اسلام آباد-29 آڪٽوبر (اي پي پي) آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن بابت مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو هجڻ تمام اهم آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ دنيا ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اسان کي ان سان گڏ هلڻو آهي. امرجنگ ٽيڪنالاجيز کي اخت??ار ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. گذريل ڏينهن مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه جاز، نيشنل يونيورسٽي آف سائنسز اينڊ ٽيڪنالاجي ۽ نيشنل انفارميشن ٽيڪنالاجي بورڊ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحين واري تقريب کي ??طا?? ڪري رهي هئي، جنهن جو بندوبست آءِ ٽي وزارت جي ڪميٽي روم ۾ ڪيو ويو. ان موقعي تي آءِ ٽي جي سيڪريٽري ضرار هاشم خان، اسپيشل سيڪريٽري آءِ ٽي ڊويزن اظفر منظور پڻ موجود هئا. هن چيو ته جاز، نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي وچ ۾ اهو سهڪار نه صرف انوويشن کي هٿي ڏيندو پر پاڪستان کي مصنوعي ذهانت جي ميدان ۾ اڳواڻ بڻجي اُڀرڻ ۾ مددگار به بڻجندو، ان ايم او يو تحت پاڪستان جي پهرين لوڪل لارج ل??نگويج ماڊل جي تياري ٽائيم لائن ۾ ٿيڻ تمام ضروري آهي، جنهن لاءِ پريڪٽيڪل قدم کڻڻا پوندا. هن اڪيڊميا ۽ انڊسٽري وچ ۾ مضبوط رابطا قائم ڪرڻ تي زور ڀريندي چيو ته اڪيڊميا انڊسٽري برج ذريعي نوجوانن لاءِ ملازمتن جا موقعا پيدا ڪري سگهجن ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي جديد آءِ ٽي اسڪلز سان آراسته ڪرڻو آهي. جاز جي سي اِي او عامر ابراهيم چيو ته پاڪستان جي مستقبل لاءِ آرٽيفيشل انٽيليجنس ۽ وڏن لينگويج ماڊلز ۾ جدت اهم حيثيت رکي ٿي، اسان هڪ اهڙو مقامي ماحول جوڙڻ لاءِ پُرعزم آهيون جيڪو اسان جي ڪميونٽيز جي منفرد ضرورتن کي پورو ڪري. نسٽ ۽ اين آءِ ٽي بي سان گڏ ڀائيواري ذري??ي اسان ڊجيٽل خال کي گهٽ ڪندي استادن، ڊاڪٽرن ۽ هارين کي انهن جي پنهنجي ٻوليءَ ۾ ضروري ڄاڻ ۽ ٽولز فراهم ڪنداسين، اهو سهڪار هڪ قومي مشن آهي جيڪو ڊجيٽل شموليت جي ميدان ۾ تيز رفتار ترقيءَ جو سبب بڻجندو، ايندڙ مهينن ۾ اسان جو هدف هڪ فعال ماڊل ت??ار ڪرڻ آهي جيڪو پاڪستان ۾ هڪ انقلابي اي آءِ فريم ورڪ جو بنياد رکندو. ان موقعي تي آءِ ٽي وزارت ۽ ذيلي ادارن جي آفيسرن، سي اي او جاز عامر ابراهيم ۽ نسٽ جي ريڪٽر انجنيئر جاويد محمود بخاري پڻ موجود هئا.
پاڪستان جي ترقي لاءِ گڏيل ڪوششن جو هجڻ تمام اهم آهي، ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ اسان کي دنيا سان گڏ هلڻو آهي: شزه فاطمه خواجه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا بونس