اسلام آباد- 22 نومبر (اي پي پي) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جو درجو ڏيڻ ۽ پاڪستان ملٽري اڪيڊمي کي ڪاڪول جهڙو ادارو بڻايو و??ند??، جڏهن ته پوليس اڪيڊمي ۾ سزا طور آفيسر?? جي مقرري واري روايت ختم ڪرڻي پوندي. 10 آءِ جيز پوليس اڪيڊمي جي آنرشپ وٺن ته اسان سٺن آفيسرن کي فيلڊ ۾ آڻي سگهون ٿا. پوليس آفيسر پنهنجي ذميوارين، عوام ج?? خدمت ۽ ترقي تي ڌيان ڏين. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل پوليس اڪيڊمي ۾ اي ايس پيز 50 ڪام?? جي پاسنگ آئوٽ پريڊ کي خطاب دوران ڪيو. گهرو وزير سمورن ڪامياب آفيسرن کي مبارڪ ڏ??ند?? چيو ته سکيا مڪمل ڪندڙ آفيسرن لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهم عوام ج?? خدمت آهي. هن چيو ته توهان ديانتداري سان عوامي مسئلا حل ڪندا ته هر ميدان ۾ ڪامياب ٿيندا. نيشنل پوليس اڪيڊمي کي عالمي معيار موجب بنائڻ جي عزم ج?? اظهار ڪندي هن نيشنل پوليس اڪيڊمي کي پاڪستان ملٽري اڪيڊمي وانگر عالمي معيار جي اڪيڊمي بڻائڻ لاءِ فور?? طور تي قدم کڻڻ جو اعلان ڪيو. گهرو وزير چيو ته اسان اڪيڊمي کي جديد بڻائڻ لاءِ 50 ڪروڙ روپين جو بندوبست ڪيو آهي جنهن ۾ 25 ڪروڙ نيشنل پوليس فائونڊيشن ۽ 25 ڪروڙ حڪومت پاران فراهم ڪيا ويندا. هن ان اڳ??له?? تي زور ڀريو ته اها روايت ختم ڪئي وڃي تي هتي سزا طور آفيسرن کي مقرر ڪيو و??ند??. فائرنگ جي سهولت ۽ جديد سکيا سينٽرز جي حوالي سان گهرو وزير چيو ته اڪيڊمي ۾ فائرنگ جي سهولت جي گهٽتائي کي ختم ڪري ٽاسڪ فورس جو قيام عمل ۾ آندو و??ند?? جديد سکيا مرڪز قائم ڪيا ويندا جتي ملڪ جي مختلف حصن مان ماڻهو سکيا حاصل ڪرڻ ايندا. هن چيو ته نيشنل پوليس اڪيڊمي کي يونيورسٽي جي معيار تائين پهچائڻ لاءِ تجويز?? جي ڪم ڪيو و??ند?? ته جئين جديد سکيا ڪورس ۽ ٽيڪنالاجي ذريعي پوليس آفيسرن کي وڌيڪ قابل بڻائي سگهجي. گهرو وزير ان اميد جو اظهار ڪيو ته نوان پوليس آفيسر عوامي خدمت ۾ اعليٰ ڪردار ادا ڪندا.
نيشنل پوليس اڪيڊمي کي پي ايم اي ڪاڪول جهڙو عالمي ادارو بڻايو ويندو: گهرو وزير محسن نقوي
مضمون کا ماخذ : مایا کا عروج