راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ??يف??يننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي ر??است جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان ??هچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان ??هچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. آءِ ايس پي آر مطابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل ش??ن تحت ??يف??يننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ ??يف??يننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي ر??است جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان ??هچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان ??هچائڻ شامل آهن. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ??لڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ??يف??يننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ بابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ شامل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ شامل آهن. فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل جي عمل دوران ??يف??يننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.
پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪورٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو: آءِ ايس پي آر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا