رياض -23 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان گادي واري شهر رياض ۾ ڏکڻ ڪوري?? جي صدر يون سڪ يول سان ملاقات ڪري ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون ڪيون آهن. سعودي خابرو اداري مطابق ڪوري?? جي صدر ل??ءِ باضابطا سرڪاري استقبال واري تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب ۾ گارڊ آف آنر جو ??عا??نو ڪيو ويو، ان موقعي تي ٻنهي ملڪن جا قومي ترانا وڄايا ويا. بعد ۾ سعودي ولي عهد ۽ ڪوري?? جي صدر باضابطا ڳالهيون ڪيون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪيترن ئي ٻه طرفن معاهدن ۽ مفاهمت جي يادداشت نامن تي صحيحيون ڪيون ويون. ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌائڻ ل??ءِ گڏيل ڪوششن جو جائزو ۽ دستياب وسيلن جي ان قسم جي سيڙپڪاري جي موقعن تي پڻ ڳالهيون ڪيون ويون. ان کان علاوه علائقائي ۽ عالمي اڳڀرائي ۽ لاڳاپيل معاملن کان علاوه گڏيل مفادن ۽ ان حوال?? سان گڏيل ڪوششن تي به غور ويچار ڪيو ويو.
سعودي ولي عهد سان ڏکڻ ڪوريا جي صدر جي ملاقات، ڪيترن ئي معاهدن تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔