بغداد-27 ڊسمبر (اي پي پي) عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ٿيل بم جي ڌماڪي ۾ 2 ڪويت?? ۽ ??ڪ سعودي سياح مارجي ويا آهن. چيني خابرو اداري عراقي فوج جي حوالي سان ٻڌايو ته عراقي سيڪيورٽي ??ور??ز کي ٻن ڪويت?? ۽ ??ڪ سعودي سياح جا لاش مليا آهن جيڪي اولهندي عراق جي هڪ ريگستان ۾ رستي ڪناري نصب ڪيل بم جي ڌماڪي ۾ مارجي ويا هئا. هن ٻڌايو ته مارجي ويل سياح سياحتي ويزا حاصل ڪري عراق ۾ داخل ٿيا هئا ۽ ٽنهي صوبن الانبار، صلاح الدين ۽ نينوي تائين پکڙيل وسيع ريگستان ۾ شڪار جي سفر دوران گم ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ عراقي سيڪيورٽي ??ور??ز گم ٿيل سياحن جي ڳولا لاءِ ريگستان الانبار ۾ وڏي پئماني تي ڳولا ڪئي ۽ انهن جا سڙيل لاش هٿ ڪيا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته شروعاتي ثبوتن مان پتو پئجي ٿو ته متاثرن جي گاڏي دهشتگردن طرفان رستي ڪناري نصب ڪيل هڪ پراڻي بم سان ٽڪرائجي وئي هئي.
عراق ۾ رستي ڪناري ڌماڪي سبب 3 سياح مارجي ويا
مضمون کا ماخذ : ٹمپل ٹمبل