بنڪاڪ-22 مارچ (اي پي پي) عالمي تنظيمن ۽ سڄي دنيا جي مل??ن هانگ ڪانگ طرفان قومي سلامتي جي نئين قانون جي حتمي منظوري تي ڳڻتي جو اظهار ڪري رهيا آهن. جاپاني خابرو اداري موجب هانگ ڪانگ جي قانونساز ڪائونسل متفقه طور تي قومي سلامتي جو بل منظور ڪ??و آهي ??نه?? تحت رياستي رازن جي چوري، جاسوسي ۽ پرڏيهي مداخلت سميت، قومي سلامتي کي خطري ۾ وجهندڙ ڪاررواين جي منع ڪندا. گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر جي آفيس چيو آهي ته قانون جي ڪجهه شقن ۾ جهول آهي ۽ ا??ي اختلاف راءِ جو اظهار ڪ??دڙن کانسواءِ صحافين ۽ ا??ساني حقن جي علمبردارن کي هروڀرو ن??انو بڻائي سگهن ٿيون. آفيس چيو ته ان طرح جي اهم قانون کي مڪمل غور ۽ فڪر لاءِ گهربل وقت ڏيڻ کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ هانگ ڪانگ ۾ انساني حقن جي تحفظ ڏانهن ناڪاري قدم آهي. برطانيه جي پرڏيهي وزارت چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ جي ماڻهن ۾ پنهنجو آواز دٻائڻ جي ثقافت کي هٿي ڏيندو ۽ اظهار جي آزادي، ميڙاڪي جي حق ۽ ميڊيا جي آزادي تي جاري راتاهن جي عمل کي سگهه ڏيندو. وزارت هانگ ڪانگ جي عملدارن تي زور ڀريو ته هو بنيادي انساني حقن ۽ آزادين جو احترام ڪن. يورپي يونين چيو ته هي قانون هانگ ڪانگ ۾ يورپي يونين جي شهرين، تنظيمن ۽ ڪمپين کي متاثر ڪري سگهي ٿو.
هانگ ڪانگ جي قومي سلامتي جي نئين قانون تي عالمي برادري پاران ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : پریمیوس لوٹومینیا