گڏيل قومون -06 آگسٽ (اي پي پي)گڏيل قومن جي انساني حقن بابت هاءِ ڪمشنر وولڪر ترڪ وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي. غزه ۾ اسرائيلي جنگ دوران هاڻوڪن خطرناڪ حملن بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيو آهي ۽ غزه ۾ اسرائيلي جنگ 10هين مهيني ۾ داخل ٿيڻ واري آهي. هن گذريل ڏينهن هڪ بيا?? ۾ ??يو ته هو وچ اوڀر ۾ وڏي تڪرار جي وڌندڙ خطري کان تمام گهڻو پريشان آهيون ۽ سمورين ڌرين سان گڏوگڏ اثر رسوخ رکندڙ رياستن کي به درخواست ڪجي ٿي ته اهي فوري طور تي ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن، جيڪا انتهائي خطرناڪ صورتحال بڻجي چڪي آه??. و??لڪر ترڪ نوٽ ڪيو ته غزه ۾ گذريل 10 مهينن دوران عا?? شهرين جنهن ۾ اڪثريت عورتن ۽ ٻارن جي آهي، بمن ۽ فائرنگ جي نتيجي ۾ ناقابل برداشت ڏکن ۽ تڪليفن کي برداشت ڪيو آهي. هن چيو ته ان صورتحال کان بچڻ لاءِ سڀ ڪجهه ڪرڻ گهرجي جنهن سان عا?? شهرين لاءِ ان کان به وڌيڪ ??وفناڪ نتيجا هوندا. ان سلسلي ۾ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش سان گڏجي ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته حملن بعد ڇڪتاڻ ۾ اضافو ٿيندو پيو وڃي.
سموريون ڌريون ۽ بااثر رياستون وچ اوڀر ۾ فوري طور تي ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ قدم کڻن:وولڪر ترڪ
مضمون کا ماخذ : ایزٹیک گولڈ