گڏيل قومون-05 سيپٽمبر(اي پي پي) گڏيل قومن ۾ روس جي نائب نمائندي دمتري پوليانسڪي چيو آ??ي ته اسرائيل امن جي ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ ۽ ??زه ۾ پنھنجي حقيقي ڏوهه کي دنيا کان لڪائڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آ??ي. گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سان خطاب ۾ روسي نمائندي اسرائيلي حڪومت تي الزام لڳايو ته ھو ضد سان گڏ فوجي مسئلي جو حل ڳولهي ڪري رھيو آ??ي ۽ ??زه ۾ جاري پنھنجي فوجي ڪارروائين جي حوالي سان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي فيصلن کي نظر انداز ڪرڻ ج?? ڪوشش ڪري رھيو آ??ي. ھن چيو ته سلامتي ڪائونسل ۽ اسرائيلي عوام ٻئي ان ڳالھه تي اتفاق ڪن ٿا ته ??زه ۾ جاري جنگ جو حل صرف ڳالھين سان ئي ممڪن آھي جڏھن ته بدقسمتي سان اسرائيلي قيادت ڳالھين کي عالمي برادري جو ڌيان ھٽائڻ لاءِ اسموڪ اسڪرين جي طور تي استعمال ڪري رھيو آ??ي. ڏکڻ ??زه ۾ ھڪ سرنگهه مان 6 مغوين، جن ۾ ھڪ روسي شھري پڻ موجود ھو، جا لاش ملڻ جو ذڪر ڪندي ھن مغوين جي فوت ٿيڻ جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ??زه ۾ اسرائيلي آپريشن دوران مغوين جي زنده بچڻ جا امڪان گھٽ آھن. ان موقعي تي سلامتي ڪائونسل سان خطاب ۾ گڏيل قومن جي اختيارين سمورن مغوين جي آزادي ۽ ??زه ۾ فوري جنگ بندي جي مطالبي جو ورجاء?? ڪيو.
اسرائيل امن ڳالھين کي عالمي برادري کي گمراھه ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري رھيو آھي: روس
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹر لاٹری انعامات