بيجنگ-31 آڪٽوبر (اي پي پي) چين چيو آهي ته آمريڪا پاران ت??ئي??ان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو. پرڏيهي ميڊيا موجب چين جي دفاع واري وزارت جي ترجمان زانگ شياگنگ هڪ بريفنگ ۾ چيو ته آمريڪا کي سمجهڻ گهر??ي ته ت??ئي??ان کي هٿيارن جي فراهمي جا انتهائي سنگين نتيجا نڪرندا. هن چيو ته ت??ئي??ان جو مسئلو چين جي بنيادي مفادن ۾ سڀ کان اهم آهي ۽ اهو چين- آمريڪا لاڳاپن ۾ پهرين ڳا??هي ل??ئي?? جي نمائندگي ڪري ٿو جنهن کي کيس پار نه ڪرڻ گهرجي. هن ٻيٽ لاءِ 2 بلين ڊالرن جي امڪاني هٿيارن کي وِڪري جي پيڪيج جي حوالي سان چيو ته چين آمريڪا تي زور ڀري ٿو ته هو ت??ئي??ان کي هٿيارن جي فراهمي جي سنگين نتيجن کي چڱيءَ طرح سمجهي ۽ آمريڪا پنهنجي دفاعي صنعت کي تقويت ڏيڻ لاءِ ت??ئي??ان جو استحصال ڪري رهيو آهي. واضح رهي ته آمريڪي بچاءَ کاتي جي دفاعي سلامتي ڪوآپريشن ايجنسي اعلان ڪيو هو ته پرڏيهي کاتو ت??ئي??ان لاءِ تقريبن 2 بلين ڊالرن جي ماليت جي هٿيارن جي پيڪيج جي منظوري ڏني آهي جنهن ۾ نيش??ل ايڊوانسڊ سرفيس ٽو ايئر ميزائل سسٽم ۽ ريڊار سسٽم شامل هوندا.
آمريڪا پاران تائيوان کي هٿيار فراهم ڪرڻ سنگين نتيجن جو سبب بڻجندو: چين
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب