تهران -12 جولاءِ (اي پي پي) ايران جو ??در ابراهيم رئيسي اڄ (اربع) تي آفريقي ملڪن ڪينيا، يوگينڊا ۽ زمبابوي جي 3 ڏينهن واري دوري جي شروعات ڪندي ڪينيا روانو ٿيندو. پرڏيهي سڌ سماءَ وارن ذريعن مطابق ايراني صدر سان گڏ وفد ۾ ??رڏ??هي وزير کان علاووه ملڪ جون اهم ڪاروباري شخصيتون پڻ شامل آهن. دوري دوران ابراهيم رئيسي ٽنهي ملڪن جي صدرن سان ملاقات ڪندو. ايران جي ??رڏ??هي وزارت جي ترجمان ان دوري کي هڪ نئون موڙ قرار ڏنو جيڪو آفريقي ملڪن سان اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي هٿي ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ايران ۽ 3 آفريقي ملڪن وچ ۾ لاڳاپا گڏيل سياسي نظرين تي ٻڌل آهن. ياد رهي ته گذريل 11 سالن ۾ ڪنهن به ايراني صدر پاران آفريقا جي ڪنهن به ملڪ جو ??هو پهريون دورو هوندو.
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے اعدادوشمار