رياض -20 نومبر (اي پي پي) سعودي عرب جا 2 جهاز غزه لاءِ امدادي سامان کڻي مصر پهچي ويا آهن. سعودي اخبار مطابق شاهه سلمان مرڪز غزه جي متاثرن ڏانهن امدادي سامان فراهم ڪرڻ لاءِ خادم ال??رم??ن الشريفين ۽ ولي عهد جي هدايتن تي فضائي پل قائم ڪئي آهي. ان سلسلي تحت 13هون ۽ 14هو?? جهاز سعودي عرب کان مصر جي العريش انٽرنيشنل هوائي اڏي تي پهتا. العريش هوائي اڏي تان امدادي سامان زمين رستي غزه پهچايو پيو وڃي. سعودي عرب جي 13هي?? جهاز ذريعي 2 وڌيڪ ايمبولينسون روانو ڪيون ويون آهن، مجموعي طور تي 20 ايمبولينسون اماڻيون وينديون. اهڙي ريت 14هي?? جهاز ذريعي به 2 ايمبولينسون اماڻيون ويون آهن. ٻنهي جهازن تي امدادي سامان به روانو ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته ان کا?? اڳ 12هي?? جهاز وسيلي کاڌي پيتي جون شيون، دوائون ۽ طبي اوزار اماڻيا ويا هئا. 35 ٽن جو امدادي سامان اماڻيو ويو آهي.
سعودي عرب طرفان 2 جهاز غزه لاءِ امدادي سامان کڻي مصر پهچي ويا
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے اعدادوشمار