اسلام آباد – 22 جون (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته قومي مالياتي ايوارڊ کي جلد مڪمل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سوئس بئنڪن ۾ پاڪستانين جي اڪائونٽس جي معلومات جي حوالي سان 25 جون تي پاڪستان جي ٽيم سوئيٽزرلينڊ ويندي، عالمي ادارا پاڪستان ک?? سڌوسنئون سيڙپڪاري جي لاءِ ٻي محفوظ جاءِ قرار ڏئي رهيا آهن، چين پاران پاڪ چين اقتصادي لنگهه منصوبي جي لاءِ ملندڙ 46 ارب ??الر مان 35 ارب ??الر توانائي جي منصوبن تي هنيا ويندا. قومي اسيمب??ي ۾ فنانس بل تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته قومي مالياتي ايوارڊ جو بجيٽ سان سڌوسنئون ڪو واسطو نه آهي، اسان جي ڪوشش هوندي ته ان ک?? جلد مڪمل ڪريون، 18 هين ترميم تحت صوبن ڏانهن منتقل ٿيندڙ شعبن ۾ صوبا پنهنجون ذميواريون پوريون نه ڪري رهيا آهن.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن