اسلام آباد – 14 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ممنون حسين عبدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ چيو آهي ته هو عيد الاضحيٰ 1437 هجري جي پرمسرت موقعي تي وطن واس??ن کي مبارڪباد پيش ڪري ٿو ۽ دعاڳو آهي ته رب العزت اسان سڀني کي جذبه ابراهيمي سان ڀرپور ??يد ملهائڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ اسان جي قربان??ن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبوليت بخشي. صدر چيو ته عيدالاضحيٰ اسان جو هڪ اهم ڏڻ آهي ۽ هي ان ل??زو??ل قرباني جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي جنهن جو مثال عالم انسانيت ۾ نٿو ملي، حضرت ابراهيم عليه السلام جي عظيم قرباني ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام جي اطاعت واضح ڪري ٿي ته خدا جي رضا حاصل ڪرڻ ئي مومن جي زندگي جو اصل مقصد آهي، ان سان گڏوگڏ هي عيد اسان جي لاءِ اسلام جو هڪ اهم رڪن ”حج“ ادا ڪرڻ جو انعام به آهي، حج مبارڪ جي سعي و مناجات ۽ عيدالاضحيٰ تي مسلمانن طرفان پيش ڪيل قرباني هي حقيقت واضح ڪري ٿي ته اسلامي تعليم رنگ ۽ نسل ۽ قوميت جي امتي??ز کان هٽي ڪري مسلمان امت جي وحد کي يقيني بڻائڻ جو ذريعو آهي.
عيد تي دهشتگردي کان متاثر ڀينرن ۽ ڀائرن کي ياد رکڻ گهرجي: صدر
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے