اسلام آباد – 15 سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان مراڪش سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻا رابطا گڏيل عقيدي، تاريخي تجربن ۽ ثقافتي روايتن تي ٻڌل آهن. هن اها ڳالهه پاڪستان ۾ مراڪش جي سفير مصطفيٰ صلاح الدين سان ڳالهائيندي چئي ??نهن وز??راعظم هائوس ۾ ساڻس الوداعي ملاقات ڪئي. اسلام آباد ۾ سفارتي مدي دوران پاڪ مراڪش ٻه طرفي لاڳاپن جي فروغ ۾ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي خدمتن کي ساراهيندي وز??راعظم اميد ظاهر ڪئي ??ه گڏيل مفاد جي مخ??لف شعبن ۾ تعاون جي فروغ جي لاءِ سندس قابل قدر ڪوششون مستقبل ۾ جاري رهنديون.
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز