حافظ آباد – 31 جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي تاريخ ۽ ادبي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته محمد نواز شريف اقتدار جي نه پر سدائين قدرن جي سياست ڪئي آهي، محمد نواز شريف هن ملڪ کي ائٽمي طاقت بڻايو، توانائي بحران مان ڪڍيو. هو ح??فظ آباد پريس ڪ??ب جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري واري تقريب کي خطاب ڪري رهي هئي. قومي صحت واري وفاقي وزير سائره افضل تارڙ پڻ تقريب ۾ شريڪ هئي. مملڪتي وزير مريم اورنگزيب سمورن نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته حلف نامي ۾ هڪ اهڙي شيءَ جو به اضافو ڪرڻ گهرجي جيڪو سچ ۽ ڪوڙ ۾ ف??ق ڪندو هجي ڇو ته جهڙي طرح صحافي پنه??جي قلم جي طاقت ذريعي واقعي يا خبر جي اصل مقصدن کي پيش ڪن ٿا ان سان پاڪستان مستحڪم ٿئي ٿو ۽ انهن سمورين شين جي آگاهي ٿئي ٿي.
مضمون کا ماخذ : سانتا کا سرپرائز