اسلام آباد – 24 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي لڳائي ڇڏي آهي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ ٿيندڙ ڪابينا جي اجلاس بابت صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري وزير فواد چوڌري ٻڌايو ته هي ڪابينا جو ٻيو اجلاس هو، گذريل حڪومت جي دور ۾ ڪابينا جا اجلاس گهٽ ٿيندا هئا پر موجوده حڪومت هڪ هفتي ۾ ٻه اجلاس ڪيا آهن. اطلاعات واري وزير ڪابينا اجلاس جي فيصلن بابت آگاهه ڪندي ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا صدر، وزيراعظم ۽ وزيرن جي صوابديدي فنڊن تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، نواز شريف آخري سال ۾ 51 ارب رپي?? جا صوابديدي فنڊز خرچ ڪيا، اهو عوام جي ٽيڪس جو پئسو آهي اهڙي طرح بيدردي سان استعمال نه ٿيڻ گهرجي، وزيراعظم عمران خان اهو چوي ٿو ته جيڪڏهن اهڙي طرح ??رب??ن رپين جي غلط استعمال کي روڪيو وڃي ته ان جو به قومي ناڻي کي فائدو ٿيندو.
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado