ڪراچي – 04 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آهي، اعليٰ عدليه جي ججن، پاڪ فوج ۽ حڪومت جي خلاف تقريرون ڪيون ويون آهن، ح??ومت ان کي نظرانداز نه ڪندي، ڌرڻن ۽ مظاهرن دوران جن ماڻهن جي ملڪيتن کي نقصان پهتو آهي انهن جو ازالو ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي حڪومت کي احتساب جي لاءِ مينڊيٽ مليو آهي، احتساب تي ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي، نالا کڻڻ کانسواءِ جڏهن چيو وڃي ٿو ته چورن ۽ ڦورن کي جيلن ۾ وڌو ويندو ته ڪجهه ماڻهو ناراض ٿي وڃن ٿا، عوام وزيراع??م عمران خان تي اعتماد ڪري ٿي، خيبرپختونخواهه وانگر هاڻي سنڌ ۾ به منفي سياست جو خاتمو ڪيو ويندو، ڪراچي جي عوام کي پاڻي جو وڏو مسئلو درپيش آهي، وفاقي حڪومت ان مسئلي جي حل لاءِ قدم کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن انصاف هائوس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.
عوام جي ملڪيتن کي نقصان پهچايو ويو آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن