اسلام آ??اد – 26 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته افغانستان ج?? اندر امن پاڪستان ج?? لاءِ تمام اهم آهي، اسان افغانستان ۾ هڪ مستحڪم حڪومت ڏسڻ چاهيون ٿا، آمريڪا ۽ چين دنيا جون ٻه وڏيون اقتصادي طاقتون آهن، انهن ج?? وچ ۾ لاڳاپا بهتر هوندا ته پوري دنيا ۾ بهتري ايندي، وزيراعظم آمريڪا، چين ۽ افغانستان ج?? معاملن تي پنهنجو موقف واضح ڪيو، افغانستان ج?? حوالي سان پنهنجي سرزمين ڪنهن کي استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين، طالبان کي اڳ ۾ آمريڪا ۽ پوءِ افغان عملدارن سان ڳالهين تي راضي ڪيو، چين ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪ – آمريڪا لاڳاپن خاص طور تي افعانستان ج?? صورتحال جي حوالي سان ڳالهائيندي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم عمران خان نيويارڪ ٽائيم کي پنهنجي انٽرويو ۾ آمريڪا، چين ۽ افغانستان ج?? معاملن تي پنهنجو موقف واضح طور تي دنيا آڏو رکيو آهي. پنهنجي انٽرويو ۾ وزيراعظم آمريڪا سان لاڳاپن ج?? هڪ نئون رخ بيان ڪيو آهي. هن چيو ته ماضي ۾ آمريڪا سان لاڳاپن کي سيڪيورٽي جي ڏس ۾ ڏٺو ويندو هو، وزيراعظم آمريڪا سان سيڪيورٽي لاڳاپن بدران اقتصادي لاڳاپن تي زور ڏنو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته وزيراعظم نيويارڪ ٽائيمز کي انٽرويو ۾ ڀارت سان لاڳاپن ۾ بهتري جي پڻ اميد ظاهر ڪئي آهي. جيڪڏهن مستقبل ۾ ڀارت سان اسان جا لاڳاپا ٺيڪ ٿين ٿا ته ڀارت ۽ چين ٻن وڏين منڊين ج?? وچ ۾ پاڪستان کي جاگرافيائي لحاظ کان اهم مقام حاصل هوندو، اهڙي طرح دنيا بشمول آمريڪا پاڪستان کي نظرانداز نه ڪري سگهندي.
افغانستان جي اندر امن پاڪستان جي لاءِ تمام اهم آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی چانسز