اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پ??ڪس??ان انسٽيٽيوٽ آف پارلي??ما??ي سروسز جو دورو ڪيو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جو پيپس بورڊ آف گورنر جي صدارت سنڀالڻ کانپوءِ اداري جو پهريون دورو هو. ان موقعي تي پيپس جي ايگزيڪيوٽو محمد انور اسپيڪر کي ادارو قائم ڪرڻ جي مقصدن ۽ ا?? جي ??ار??ردگي بابت بريفنگ ڏني. اسپيڪر پيپس ۾ جديد پارلي??ما??ي علم جا ڪورسز متعارف ڪرائڻ کانسواءِ اداري جي ??ار??ردگي کي وڌيڪ فعال بڻائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عوام جي بهترين مفاد ۾ قانونسازي جي صلاحيتن کي وڌائڻ جي لاءِ نوجوان پارليامينٽرينز تي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اسپيڪر چيو ته پيپس کي پنهنجو پاڻ کي قانونسازي ۽ قانون نويسي جي شعبن ۾ هڪ جديد درسگاهه طور متعارف ڪرائڻ گهرجي. اسپيڪر پيپس جي مختلف آفيسن جو پڻ دورو ڪيو ۽ پيپس جي اسٽيٽ آف دي آرٽ بلڊنگ کي ساراهيو. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته مستقبل ۾ به هي ادارو پنهنجا هدف مڪمل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رکندو.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پيپس جو دورو
مضمون کا ماخذ : پاور بال کے نتائج