اسلام آباد – 30 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بحالي ۽ بجيٽ 23 -2022ع ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن کي مسلم ليگ (ن) جي اڳوڻي دور وانگر فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم هائير ايجوڪيشن ڪميشن بابت منصوبابندي ۽ ناڻي واري وزارت کي هدايتون جاري ڪيون آهن، وزيراعظم هدايت ڪئي آهي ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ گذر??ل پوڻا چئن سالن ۾ ڪٽوتين اعليٰ تعليم تي منفي اثر وڌو آهي، ان عمل کي واپس ??يو وڃي، سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ تعليمي پراجيڪٽس جي بحالي تي ڌيان ڏنو وڃي، اعليٰ تعليم کي عالمي معيار تي هموار ٿيندي پ??وگ??امز جي تعداد ۾ اضافو ڪيو وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪئي وڃي. هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي وسيلن ۾ چڱو خاصو اضافو ڪيو وڃي. استادن ۽ شاگردن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪيو وڃن.
وزيراعظم پاران ايڇ اي سي جي بحالي ۽ بجيٽ ۾ ڪٽوتي نه ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین