اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر ملاقات ڪئي، سيد نويد ملاقات ۾ سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس پاران ترڪيءَ ۽ شام جي زلزلي متاثرين ??ي لاءِ قائم وزيراعظم فنڊ ??ي لاءِ 80 لک رپين جو چيڪ پيش ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وزيراعظم سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس ۽ واپار واري وزير جي مصيبت ۾ گهيريل ترڪ ۽ شامي ڀائرن ??ي لاءِ ان ڪوشش ک?? ساراهيو.
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ