اسلام آباد – 01 – جون (اي پي پي) پاڪستان ڀارت پاران عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳ??اڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي جي تازه ترين قدم تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته گذريل سال محمد ياسين ملڪ کي هڪ تڪراري ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌائي وئي هئي، ان تي هٿ ٺوڪيا الزام هنيا ويا ۽ ان کي منصفاڻي ٽرائل کان انڪار ڪيو ويو هو. ترجمان چيو ته اهم ڪشميري اڳ??اڻ کي خراب ٿيندڙ صحت جي باوجود بدنام زمانه تهاڙ جيل ۾ غيرانساني حالتن ۾ رکيو ويو آهي. هن چيو ته محمد ياسين ملڪ کي خاندا?? جي ماڻهن ۽ وڪيلن تائين پهچ نه پئي ڏني وڃي ۽ ان سان گڏوگڏ کيس معياري صحت جي علاج کان محروم رکيو پيو وڃي. ترجمان چيو ته ڀارت جو تازو قدم سياسي انتقام جو هڪ ٻيو مثال آهي جنهن ??و مقصد ڪشميري قيادت کي خاموش ڪرڻ ۽ ڪشميري عوام کي ڊيڄارڻ آهي. هن چيو ته اهو قدم ڀارت غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت جي نه ختم ٿيندڙ ۽ وسيع ڏاڍ ??و مظهر آهي جتي سياسي اڳواڻن ۽ انساني حق?? جي محافظن کي هٿ ٺوڪيي ۽ بي بنياد الزامن تحت قيد ڪيو وڃي ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڏيون ٿا ته اهي محمد ياسين ملڪ جي خلاف فرضي ڪيس کي ختم ڪن. هن چيو ته ڪشميري اڳ??اڻ کي معياري علاج فراهم ڪرڻ گهرجي ۽ ان کي پنهنجي ماڻهن ۽ خاندا?? جي وچ ۾ آزاداڻي طور تي رهڻ ڏنو وڃي. ترجمان پاڪستا?? جي ان مطالبي کي پڻ ورجايو ته ڀارت کي ڪشميري قيادت ۽ انساني حق?? جي ڪارڪنن کي پڻ فوري ۽ غيرمشروط طور تي آزاد ڪرڻ گهرجي جن کي ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي جيلن ۾ بنا جواز قيد ۾ رکيو ويو آهي.
پاڪستان پاران ڀارت جي عدالت کي ناليواري ڪشميري اڳواڻ محمد ياسين ملڪ کي موت جي سزا ڏيڻ جي مطالبي تي ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : jogos de raspadinha