اسلام آباد – 05 –جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (ميپڪو) ۾ جنسي هراسگ?? جي ڏوهارين کي مليل سزا برقرار رکندي ڏنڊ ۾ اضافو ڪري ڇڏيو، صدر عورت ملازم کي بليڪ ميل ??رڻ ۽ جنسي طور تي هراسان ??رڻ جا الزام ثابت ٿيڻ تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر خضر حيات کي نوڪري مان برطرف ??رڻ جي هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکڻ ۽ ڏن?? جي رقم کي 5 لک مان وڌائي 10 لک رپيا ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پار??ن جاري بيان موجب صدر ڊائريڪٽر (ايڊمن) ميان سهيل افضل کي هيٺئين عهدي تي تنزل?? جي ڏنڊ کي ٽن سالن جي لاءِ برقرار رکيو ۽ ڏنڊ کي 10 لک رپين مان وڌائي 11 لک رپيا ڪري ڇڏيو ته جيئن متاثر عورت کي معاوضو ادا ڪيو وڃي. هن ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل عباس ۽ ڊائريڪٽر جمشيد احمد نياز?? جي بريت کي پڻ برقرار رکيو ڇو ته ??ن جي خلاف ڪو ٺوس ثبوت يا مواد دستياب نه هو ته هو ڪنهن به شڪ کانسواءِ ان الزام ۾ ڏوهاري ثابت ٿئي. ملتان اليڪٽرڪ پاور ڪمپن?? جي هڪ عورت ڪمرشل اسسٽنٽ محتسب کي چار ملازمن جي خلاف جنسي هراسمينٽ جي ??ڪا??ت داخل ڪئي هئي، عورت ذاتي موبائيل ڊيٽا هيڪنگ، ناجائز جنسي مطالبن، ڪوڙين خبرن جي اشاعت ۽ وڌيڪ اشاعت روڪرائڻ جي لاءِ 5 لک رپين جو مطالبو ??رڻ جا الزام هنيا. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب جي فيصل?? جي خلاف خضر حيات ?? ميان سهيل افضل جون اپيلون رد ڪري ڇڏيون. صدر پنهنجي فيصلي ۾ هدايت ڪئي ته ڏن?? جي رقم متاثر عورت کي معاوضي طور ادا ڪئي وڃي. صدر ڊپٽي ڊائريڪٽر سهيل عباس ۽ ڊائريڪٽر جمشيد احمد نياز?? جي الزامن کان بريت جي فيصلي کي برقرار رکيو، سهيل عباس ۽ جمشيد نياز?? جي خلاف ڪو ٺوس ثبوت يا مواد نه هجڻ جي ڪري بري ڪيو ويو. صدر چيو ته معاشري کي مثبت پيغام وڃڻ گهرجي ته عورتن جي هراسگ?? جي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائينداسين، عورتن کي ڪم واري جڳهه تي پاڻ کي محفوظ محسوس ڪرائڻ اس??ن جي ذميواري آهي، عورتن جي خاندانن کي يقين ڏيارڻو پوندو ته هراسمينٽ جي صورت ۾ ملڪي قانون سخت ڪارروائي ڪندو. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته جڏهن اسلام آيو ته ان عورتن جي استحصال، زندهه دفن ??رڻ ۽ جائيداد کان محروم کي ختم ڪيو، اسلام عورتن جو استحصال ختم ڪري ناقابل يقين صنفي برابري عطا ڪئي. صدر چيو ته هراسمينٽ جا اهڙا واقعا اس??ن جي ملڪ تي هڪ ڌٻو آهن، عوام کي ٺوس پيغام وڃڻ گهرجي ته انهن جي ڌيئرن، ڀينرن ۽ مائرن کي معاشري ۾ هراسمينٽ کان محفوظ رکيو ويندو، محفوظ ماحول سان عورتون عوامي جاين ۽ ڪم ۾ بنا خوف ۽ خطر?? جي حصو وٺي سگهنديون، مذهبي ۽ عالمي قدرن کي برقرار رکڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن. صدر ڪيس ڪنهن سازش جو نتيجو هجڻ جو ڏوهار?? جي دعويٰ رد ڪندي چيو ته ڪو به شعور وارو ماڻهو اهو تصور نه ٿو ڪري سگهي ته ڪا عورت رڳو ڪنهن کي بدنام ??رڻ جي لاءِ جنسي هراسمينٽ جي ڪوڙي ??ڪا??ت ڪري پنهنجي وقار ۽ ساک کي داءُ تي لڳائيندي. هن چيو ته هراسمينٽ جو خاتمو عورت ڪم ڪار واري جڳهه ايڪٽ 2010ع عورتن جي حفاظت جي لاءِ لاڳو ڪيو ويو، ايڪٽ ڪم جي جڳهه تي پاڻ کي غيرمحفوظ تصور ڪندڙ عورتن کي تحفظ فراهم ??رڻ جي لاءِ آندو ويو، هراسمينٽ جي خاتمي ايڪٽ جو مقصد جنسي هراسمينٽ ڪندڙن يا مالي حيثيت جو غلط استعمال ڪندڙن کي سبق سيکارڻ آهي. صدر چيو ته جنسي هراسمينٽ جي ڪاررواين جي مذمت ۽ حوصلا شڪن?? جي ضرورت آهي، جيڪڏهن ميپڪو انتظاميا عورتن کي محفوظ ماحول فراهم نه ٿي ڪري سگهي اهي باوقار زندگي گذارڻ جي لاءِ گهر کان ٻاهر ن??رڻ کان ڊڄنديون، موبائيل ڊيٽا جي هيڪنگ افسوسناڪ عمل جو شڪار ٿيڻ سان عورتن جي عزت نفس مجروح ٿئي ٿي، ڊيٽا هيڪنگ سان عام طور تي عورتن جي جذباتي، ذهني ۽ جسماني صح تي به اثر پوي ٿو، ميپڪو ۾ هيڪنگ جي عمل عورتن جي لاءِ هڪ غيرمحفوظ ماحول پيد اڪيو. صد رچيو ته عورت ملازم جو موبائيل ڊيٽا هيڪ ??رڻ معمولي ڳالهه نه آهي، هڪ ڪڌو ڏوهه آهي، قانون جو طئي ٿيل اصول آهي ته سزا ڏوهه جي شدت موجب هجڻ گهرجي، ثابت ٿي چڪو ته خضر حيات، ميان سهيل افضل جي اتساهڻ تي عورت جي ڊيٽا هيڪ ڪئي. صدر چيو ته ڪم واري جڳهه تي ڪنهن جي لاءِ خوف ۽ هراس جو احساس پيدا ڪندڙ هڪ واقعو به هراسمينٽ ??رڻ آهي، ڏوهه جي شدت کي نظر ۾ رکندي خضر حيات ?? ميان سهيل تي هنيل ڏنڊ ۾ اضافو ڪيو وڃي ٿو.
صدر پاران ميپڪو ۾ جنسي هراسگي جي ڏوهارين کي مليل سزا برقرار، ڏنڊ ۾ اضافو
مضمون کا ماخذ : بونانزا