اسلام آباد – 18 – جولاءِ (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪندي اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم محمد شهباز شريف گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو. و??ير??عظم پاڪستان جي معاشي ۽ مالي ا??تحڪام جي لاءِ ان جي ڀرپور حمايت تي دل سان ان جا ٿورا مڃيا جيڪو يقيني طور تي پاڪستان جي عوام جي ڀلائي لاءِ ان جي گهري محبت ۽ خيال رکڻ جو اظهار آهي. و??ير??عظم اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۾ 1 ارب ڊالر جمع ڪرائڻ تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا. جنوري ۾ گڏيل عرب امارات جي پنهنجي ڪامياب دوري کي ياد ڪندي و??ير??عظم ڀائراڻن لاڳاپن کي گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي لاڳاپن ۾ تبديل ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي قيادت جي گڏيل عزم جو ورجاءُ ڪيو. و??ير??عظم ڪوپ – 28 جي لاءِ دعوت تي پڻ ان جا ٿورا مڃيا ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ ۾ گڏيل عرب امارات جي ڪردار کي ساراهيو. هن 6 جولاءِ 2023ع تي ڪوپ – 28 جي نامزد ??در جي پاڪستان جي دوري دوران موسمياتي تبديلي جي چئلينجن جي امڪاني حل بابت ٿيندڙ ڳالهه ٻولهه تي پڻ اطمينان جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي، واپاري ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ پاڪستاني افرادي قوت جي لاءِ وڌيڪ موقعا پيدا ڪرڻ تي خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ڌرين گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خ??ال?? جي ڏي وٺ ڪئي، پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي وچ ۾ ويجهي لاڳاپن جي تاريخ آهي جنهن جي خصوصيت گڏيل اعتماد ۽ افهام و تفهيم، ويجهي تعاون ۽ هڪ ٻئي جي حمايت جي مستقل روايت آهي. گڏيل عرب امارات 1.7 ملين پاڪستانين جو گهر آهي، جيڪي ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي، خوشحالي ۽ اقتصادي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.
وزيراعظم ۽ گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زايد جي ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : راکی