??سل??م آباد – 31 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حم??و آهي، واقعي جي ذميوا??ن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جمعيت علماءِ ??سل??م (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي گهر ويو ۽ خار، باجوڙ ۾ جمعيت علماءِ ??سل??م جي ورڪرز ڪنوينشن حملي تي ساڻس تعزيت ڪئي. وزيراعظم چيو ته ان افسوسناڪ واقعي تي پوري قوم ڏکويل آهي، جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حم??و آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري ۽ سوڳوارن کي صبر جميل عطا فرمائي. وزيراعظم چيو ته هن زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي، واقعي جي ذميوا??ن جي جلد نشاندهي ڪري انهن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو. ان موقعي تي وفاقي وزير بلاول ڀٽو زرداري، اسحاق ڊار، مولانا اسعد محمود، خرم دستگير خان، سردار اسرار ترين، قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر زاهد اڪرم دراني، سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، سينيٽر مولانا عب??الغفور حيدري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر عب??الاڪبر چترالي پڻ موجود هئا.
جمعيت جي ورڪرز ڪنوينشن تي حملو پاڪستان جي جمهوريت تي حملو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا سانتا کیٹرینا