اسلام آباد – 28 – آگسٽ (اي پي پي) پاڪستان 30 ۽ 31 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن ??ي امن مشن ??ي ايندڙ اجلاس جي تياري ??ي اجلاس جي ميزباني ڪندو جنهن جو موضوع ”گڏيل قومن ??ي امن دستن جي حفاظت ۽ سلامتي“ آهي. جاپان ان اجلاس جو شريڪ ميزبان آهي جيڪو پاڪستان جي سڀ کان وڏي تربيتي اداري سينٽر فار انٽرنيشنل پيس اينڊ اسٽيبليٽي (سي آئي پي ايس) ۾ منع??د ٿي رهيو آهي جيڪو سڄي دنيا مان گڏيل قومن ??ي امن دستن کي ڪورسز، ورڪشاپس ۽ سيمينارز پيش ڪري ٿو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب نگران پرڏيهي وزير ۽ نگران دفان وارو وزير اجلاس کي خطاب ڪندا. اجلاس ۾ 156 ملڪن تي ٻڌل گڏيل قومن جي پيس ڪيپنگ آپريشنز بابت خصوصي ڪميٽي ۾ نمائندگي ڪندڙ ميمبر ملڪن کانسواءِ مقامي ۽ عالمي ماهر شرڪت ڪندا. گڏيل قومن جي سيڪريٽريٽ جي سينيئر عملدارن بشمول انڊر سيڪريٽري جنرل فار پيس آپريشنز، آپريشنل سپورٽ بابت انڊر سيڪريٽري جنرل ۽ يو اين پوليس ايڊوائيزر پڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا. ٻن ڏينهن واري اجلاس دوران مختلف ذيلي موضوعن تي پينل ڊسڪشنز منعقد ڪيا ويندا جن ۾ صلاحيت سازي جي ضر??رت??، عالمي قانون جي نقطه نظر سان گڏيل قومن ??ي امن فوجين جي حفاظت، گڏيل قومن ??ي امن مشن جي طبي صلاحيت کي وڌائڻ کانسواءِ ٽيڪنالاجي ۽ اسٽريٽجڪ مواصلات مان فائدو کڻڻ تي غور ڪرڻ شامل آهي. اجلاس ۾ ديسي ساخته ڌماڪيدار اوزار (آئي اي ڊيز) سان خطرن تي ماهراڻي ڳاله?? ٻولهه ۽ بريفنگ پڻ ڏني ويندي. بيان موجب پاڪستان پاليسي ۽ آپريشنل ٻنهي سطحن تي گڏيل قومن ??ي امن فوج ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پاڪستان جو شمار گڏيل قومن ??ي امن فوج جي سڀ کان وڌيڪ فوجي ڏيندڙ ملڪن ۾ ٿئي ٿو، پاڪستان 1960ع کان وٺي هيستائين دنيا ??ي اٽڪل سمورن براعظمن ۾ گڏيل قومن جي 46 امن مشنز ۾ 2 لک 30 هزار کان وڌيڪ مرد ۽ ع??رت?? جو حصو وجهي چڪو آهي، پاڪستان جي 172 امن فوجين فرض ??ي ادائيگي ۾ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪري لازوال قربانيون ڏنيون. ترجمان جي بيان موجب پاڪستان پاران تياري ??ي اجلاس جي ميزباني گڏيل قومن ??ي امن مشن جي لاءِ ان جي مسلسل وابستگي جي نشاندهي ڪري ٿي جنهن جو مقصد مختلف تڪرارن وارن علائقن ۾ سلامتي ۽ استحڪام کي برقرار رکڻ آهي. گڏيل قومن ??ي امن مشن جي لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس دفاع ۽ پرڏيهي وزيرن جي شرڪت سان منع??د ٿئي ٿو، 2023ع جو وزارتي اجلاس ڊسمبر ۾ گهانا ۾ منعقد ڪيو ويندو، ان کان اڳ اجلاس جي تياري جي لاءِ چار م??ٽن??ز جي هڪ سيريز ٿيندي جن مان هڪ پاڪستان جي ميزباني ۾ ٿيندي جنهن ۾ گڏيل قومن ??ي امن مشن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ٺوس نتيجن جي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ مخصوص شعبن تي ڌيان ڏنو ويندو.
پاڪستان 30 ۽ 31 آگسٽ تي اسلام آباد ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي ايندڙ اجلاس جي تياري جي اجلاس جي ميزباني ڪندو
مضمون کا ماخذ : کڑک