اسلام آباد – 16 – نومبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو آهي ته ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ڊاڪٽر جمشيد خدجائيف عبدوخاڪو مووچ ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير نورالدين عزيزي واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو. پريس بريفنگ ۾ هن چيو ته اجلاس ۾ پاڪستاني وفد جي قيادت واپا?? ۽ ??نعت واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر گوهر اعجاز ڪئي. ڳالهه ٻولهه جو محور واپاري رڪاوٽن کي ??تم ڪرڻ، ڪسٽم جي طريقيڪار کي هموار ۽ ٽرانزٽ ٽريڊ کي آسان بڻائن جي ذريعي واپاري لاڳاپن جو فروغ رهيو. ترجمان چيو ته واپار واري نگان وفاقي وزير گوهر اعجاز اميد ظاهر ڪئي ته ٽه ڌريو تعاون ٽنهي ملڪن ۾ اقتصادي ترقي کي فروغ ڏيندو. ازبڪستان جي نائب وزيراعظم اسلام آباد ۾ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ، واپا?? ۽ ??نعت واري وزير، ناڻي ۽ اقتصادي معاملن واري وزير، مواصلات ۽ ريلويز واري وزير، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزير ۽ نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزير سان ملاقات ڪئي. انهن ملاقاتن جو محور واپار، رابطي، زراعت، ٽرانسپورٽ ۽ دفاع ۾ ٻطرفي تعاون کي سگهه ڏيڻ هو. ترجمان چيو ته افغانستان جي صنعت ۽ واپار واري وقتي وزير دوري دوران نگرا?? پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ملاقات ڪئي. نگرا?? پرڏيهي وزير افغانستان سان لاڳاپن کي فروغ ڏيڻ جي لا??ِ پاڪستان جي مضبوط عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ علائقائي انضمام جي لاءِ واپا?? ۽ ??ابطن ۾ اضافي جي امڪانن کي اجاگر ڪيو. ترجمان چيو ته سلامتي ۽ ترقي جي وچ ۾ تعلق تي زور ڏيندي نگرا?? پرڏيهي وزير افغانستان پاران دهشتگرد گروهن خاص طور تي ٽي ٽي پي جي خلاف ٺوس ڪارروائي تي زور ڏنو. هن ان مقصد جي لاءِ عبوري افغان حڪومت سان تعاون جي لا??ِ پاڪستان جي راضپ?? جو پڻ اظهار ڪيو ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ مسئلن جي حل لا??ِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو.
ازبڪستان جي نائب وزيراعظم ۽ صنعت ۽ واپار واري وقتي افغان وزير واپار بابت پهرين پاڪستان – افغانستان – ازبڪستان ٽه ڌريي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ هلندڙ هفتي جي شروع ۾ پاڪستان جو دورو ڪيو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa