لاهور-11 جنوري (اي پي پي) تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خاص مهمان جي حيثيت سان هتي ايوان اقبال ?? لاهو?? ليڊز يونيورسٽي جي ستين ڪ??نووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي لاهو?? ليڊز يونيورسٽي جي وائيس چانسلر نديم ڀٽي، چيئرمين بورڊ آف گورنرز ميان ظهور وٽو سميت فيڪلٽي ميمبرن ۽ ??اگ??دن ۽ ??اگ??دياڻين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ڪانووڪيشن ۾ 1080 ??اگ??دن ۽ ??اگ??دياڻين کي ڊگريون ڏنيون ويون. وفاقي وزير خطاب ڪندي چيو ته مون کي هتي اچي دلي خوشي ٿي آهي، ڪانووڪيشن هڪ يادگار لمحو هو??دو آهي، ان ڏينهن ??اگ??د ۽ ??اگ??دياڻون پنهنجي محنت جو ثمر حاصل ڪندا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان کي هر نعمت سان نوازيو آهي، نوجوان اسان جو اثاثو آهي، اميد آهي ته هو پنهنجي پيشوراڻيون ذميواريون احسن طريقي سان نڀائيندا. هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽن طريقن سرڪاري، نجي ۽ مدرسن ۾ تعليم ڏني پئي وڃي جيڪو ملڪ ۾ ٽي مختلف طبقا پيدا ڪندو آهي. مدد علي سنڌي چيو ته حڪومت جي اولين ترجيح تعليم کي معيار کي بهتر بنائڻ ۽ اسڪول مان ٻاهر ٻارن کي واپس آڻڻ آهي. هن چيو ته ليڊز يونيورسٽي معياري تعليم فراهم ڪري رهي آهي، اهڙن تعليمي ادارن جي سخت ضرورت آهي. آخر ۾ مهمان خاص ??اگ??دن ۽ ??اگ??دياڻين ۾ ميڊلز ۽ ڊگريون ورهايون.
پاڪستان جي ترقيءَ جو واحد رستو تعليم آهي، پنهنجو ڌيان تعليمي شعبي تي ڏيڻ جي ضرورت آهي: نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی