اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) ايران جي پرڏيهي وزير پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو آهي جڏهن ته پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير چيو آهي ته حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو، پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني ايران پاران 16 جنوري تي پاڪستان ۾ ڪيل حملي جي سخت مذمت ڪند?? ان کي پاڪستان جي سالميت جي خلاف ورزي قرار ڏيند?? ان کي عالمي قانونن ۽ پاڪستان ۽ ايران جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي به ??لي خلاف ورزي قرار ڏنو آهي. پڌرائي موجب ايران پاران ڪيل حملي جي سختي سان مذمت ڪندي نگران پرڏيهي وزير چيو ته ان حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو. هن چيو ته پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو. پاڪستان جو نگران پرڏيهي وزير ??يڪو هن وقت غيروابسته تحريڪ جي وزارتي ا??لا?? ۾ شرڪت جي لاءِ يوگنڊا جي شهر ڪمپالا ۾ موجود آهي، کي ايران جي پرڏيهي وزير ??سين امير ??بداللهيان ٽيليفون ڪئي ۽ نگران پرڏيهي وزير ??ن موقعي تي چيو ته دهشتگردي جو خطرو خطي جي لاءِ گڏيل آهي ۽ ان کي چِٿڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي. نگران پرڏيهي وزير ??ليل عباس جيلاني واضح ڪيو ته اها هڪطرفي ڪارروائي خطي جي امن ۽ استحڪام کي وڏو هاڃو رسائي سگهي ٿي. هن چيو ته خطي جي ڪنهن به ملڪ کي اهڙي خطرناڪ رستي تي هلڻ نه گهرجي.
ايران جي پرڏيهي وزير جو پاڪستان جي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني سان ٽيليفون تي رابطو، حملي سان ٻطرفن لاڳاپن کي وڏو نقصان پهچندو، پاڪستان ان عمل جو جواب ڏيڻ جو حق محفوظ رکي ٿو: جليل عباس جيلاني
مضمون کا ماخذ : پاور بال لاٹری